ميرپورخاص ۾ ٺڳ ٽولي اٻوجهه شهرين کي ٺڳڻ لڳو

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) جعلي سرٽيفڪيٽ ۽ نوڪري ڏيارڻ جي لالچ ڏيڻ وارو ٽولو سرگرم، پوليس اهلڪار جي ڀاڻيجي کيهڪ لک 10 هزار روپين عيوض جعلي سرٽيفڪيٽ ۽ نوڪري جي لالچ ڏيندڙ ٽولي جا 5 ميمبر گرفتار، معافي تلافي ۽ ڏي وٺ بعد آزاد. تفصيل موجب ميرپورخاص ضلع سميت ڀرپاس جي علائقن ۾ جعلي سرٽيفڪيٽ ۽ پئسن عيوض نوڪري وٺي اٻوجھ ماڻهن کي ڦريندڙ ٽولو سرگرم ٿي ويو آهي، ٽولي جي ماڻهن پاڻ کي هيڊ ماستر، پروفيسر،  18هين گريڊ جو آفيسر ظاهر ڪري کين پئسن عيوض نوڪريون ۽ نوڪرين لاءِ گھربل تعليمي ڊگريون پئسن عيوض جعلي تعليمي سرٽيفڪيٽ جاري ڪرائي ڏين ٿا، گذريل ڏينهن ميرپوخاص پوليس جي هڪ اهلڪار جي ڀاڻيجي کي ٽولي جي 4 ماڻهن هڪ لک روپين جي عيوض نوڪري ڏيارڻ ۽ ميٽرڪ جو تعليمي سرٽيفڪيٽ نه هجڻ تي 10 هزار عيوض تعليمي سرٽيفڪيٽ ويريفڪيشن سميت ڏيارڻ جو چئي ميرپورخاص وٺي آيا بيروزگار نوجوان پاران شڪ پوڻ تي هن پنهنجي پوليس اهلڪار مامي کي فون تي معاملي جو ٻڌايو ته مامي کيس کين سندس اچڻ تائين ويهارڻ ۽ پئسه نه ڏيڻ جو چيو جنهن بعد نوجوان پنجن ئي ٺڳن کي چانھ جي بهاني سان هوٽل تي ويهاريو جنهن دوران نوجوان جو پوليس اهلڪار مامون حد جي پوليس کي ساڻ ڪري هوٽل تي پهتو ۽ ٽولي جي 4 ميمبرن کي حراست ۾ وٺڻ بعد کين حد جي ٿاڻي تي کڻي ويا، ذريعن موجب پوليس پاران گرفتار ڪيل ٺڳن جي ٽولي ۾ حيدرآباد جي هڪ سرڪاري اسڪول جو پٽيوالو محراب پڻ شامل هو جنهن پاڻ کي اسڪول جو هيڊ ماستر ظاهر ڪيو هو ۽ نوڪري ڏيارڻ جي لالچ ڪئي هئي.ذريعن موجب پوليس پاران سوگھا ڪيل ٺڳ ٿاڻي تي وڃڻ بعد پنهنجي هڪ ساٿاري جي ذريعي پوليس ۽ وارثن کان معافي تلافي ۽ ڏي وٺ ڪرڻ بعد کين آزاد ڪرائي ساڻ وٺي ويو.

  • حيدرآباد ڀرسان واهه مان تازي ٻار جو لاش هٿ

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ڀرسان نيو سٽي وٽ لائينڊ چئنل مان تازي ڄاول ٻار جو لاش هٿ آيو. ايڌي رضاڪارن اطلاع تي ٻارڙي جو لاش واهه مان ڪڍرائي ان جي تدفين ڪري ڇڏي. ٻڌايو پيو وڃي ته تازي ڄاول ٻار جو لاش واهه ۾ لڙهندو ڏسي ماڻهن پوليس کي اطلاع ڪيو. پوليس ايڌي رضاڪارن معرفت لاش ڪڍرائي ان جي تدفين ڪري ڇڏي.

  • نئون ڳوٺ لڳ درگاهه  تي آيل زائرين جا پئسا چوري

 

نئون ڳوٺ ( ن ع آ ) نئون ڳوٺ سنڌ جي مشهور درگاھ مخدوم سعدي موساڻي تي زائرين سان آزار گهٽ ٿي نه سگهيو،  پوليس تماسائي بڻجي وئي، متاثر ٿيل زائرين سان انصاف نه ڪري سگهي، جڏهن ته  راچي جي لانڊي کان آيل مسافرن وحيد علي چانڊيو جي امڙ ۽ ڀيڻ کان 10هزار ، ڪارڊ  ٻيو ضروري سامان چور چوري ڪري ويا، جڏهن ته ميلي دوران ڪجهھ ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي کان آيل عامر گاڏهي جي 30 هزارين جي موبائيل چوري ڪندي پڪڙي چور ٿاڻي تي ڏنو ويو ڪراچي کان آيل مسافر نازم حسين جي 50 هزار واري موبائيل پڻ جيب ڪترن چوري ڪري ويا، هوڏانهن دڪاندار عرفان لاکير جي 20 هزار واري موبائيل دڪان تان چوري ٿي وئي، جڏهن ته هڪ مهيني اندر ٿاڻي تي چوري جون ويھه کان مٿي اين سي يون داخل ڪيون آهن، پر پوليس پنهنجو ڪوبه ڪردار ادا آهي ڪري سگهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.