اسٽيبلشمينٽ ۽ نواز شريف ۾ معاملا طئه ٿي و يا آهن:تجزئي نگار

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف چوٿون ڀيرو به حڪومت ٺاهڻ لاءِ تيار آهي ۽ اسيبلشمينٽ سان رکيل شرطن ۾ نرمي به ڏيکاري آهي، سينيئر  صحافي عمران شفقت پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جا نواز شريف سان رابطا تيز ٿي ويا آهن، پر نواز شريف جا ويجها ذريعا ٻڌائي رهيا آهن ته فوج ۾ جيڪي  مقرريون بدليون ٿيون آهن ان تي عمل ٿيڻ جو نواز شريف انتظار ڪري رهيو آهي ۽ چئي رهيو آهي ته جيڪي نوان  عملدار مقرر ٿيا آهن انهن کي ڪجهه وقت ڏيڻ گهرجي ۽  انهن جون پاليسيون ڏسڻ کانپوءِ حتمي فيصلو ڪرڻ گهرجي ان ڪري نواز شريف جنوري فيبروري 2022ع تائين  حالتن جو انتظار ڪرڻ چاهي ٿو، ذريعن  جو اهو به اطلاع  آهي ته عمران خان جا سياسي دوست ۽ همدرد جيڪي لندن ۾ آهن اهي به نواز شريف سان رابطي ۾ اچي ويا آهن نواز شريف اسٽيبلشمينٽ جي ن ليگ حڪومت بحال ڪرڻ واري آڇ  رد ڪندي شرط رکيو آهي ته صاف، شفاف ۽ غير جانبدار چونڊون ڪرايون وڃن ۽ ڪنهن  به قسم جي مداخلت روڪي وڃي، غلطيءَ  جو اعتراف ڀلي نئين حڪومت جڙڻ کان پوءِ ئي ڪيو  وڃي، ان صورت ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ نواز شريف ۾ معاملا طئه ٿي ويا آهن.

    • اڄ عمران سڀاڻي ڪو ٻيو وزيراعظم هوندو، اسين ماتحت ونداسين:فوجي  قيادت

       

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) قومي سلامتي ڪميٽي  جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي مختلف سينيئر صحافين تفصيل سان ٻڌائي آهي ۽ فوجي سربراهه جي ان جملي کي انتهائي اهم ۽ معنيٰ خيز قرار ڏنو آهي، جيڪو جنرل قمر جاويد باجوه مولانا غفور حيدري جي سوال جي جواب ۾ چيو، مولانا غفور حيدري سوال ڪيو ته وزيراعظم عمران کي هٿ کان وٺي ڪڏهن چين، ڪڏهن سعودي عرب ته ڪڏهن آمريڪا وٺي ٿا وڃو، کيس اسان جي آڏو ڇو نه ٿا وٺي اچو؟ جواب ۾ آرمي چيف چيو ته هو اسان جو دوست نه پر  چيف ايگزيڪيوٽو آهي، اڄ هو وزيراعظم آهي سڀاڻي ڪو ٻيو هوندو، مثال طور مولانا  فضل الرحمان، وزيراعظم ۽ آرمي چيف ڪو ٻيو هوندو ته ان کي جاڏي وٺي ويندو ان سان به ويندا، سليم صافي موجب بلاول ڀٽو زرداري ۽ احسن اقبال تمام سٺو ڳالهايو ۽ ٽي ايل پي سان ڪيل معاهدو ڳجهو رکڻ ۽ ٽي ٽي پي بابت به ڳالهايو، احسن اقبال ته اهو به چيو ته ٽي ايل پي جي ڦوڪڻي ۾ جڏهن هوا ڀري پئي وئي تڏهن ئي چيو هو ته ان جو وڏو نقصان ٿيندو، ان وقت اسان جي ڳالهه نه مڃي وئي. بلاول ڀٽو آءِ ايس آءِ جي ڊي جي فيض حميد تي تنقيد ڪندي چيو ته دهشتگردن کي قومي ڌارا ۾آڻڻ  جو ڪم جنرل فيض حميد ڪري رهيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گلاني  به تمام سٺو ڳالهايو ۽ چيو ته  ٽي ٽي پي وارن منهنجو پٽ اغوا ڪيو ۽ آزادي عيوض طالبان قيدين جي آزاديءَ جي گهر ڪئي ته مون انڪار ڪيو ڇو ته آءُ ذميوار ماڻهو رهي چڪو آهيان منهنجي لاءِ رياست اهم هئي صحافي معظم ظفر پنهنجي وي لاگ ۾ آرمي چيف جي جملن تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته پهريون ڀيرو فوجي قيادت معاشي حالتن کي بدتر قرار  ڏنيدي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ آرمي چيف جيڪي جملا وزيراعظم  بابت چيا  ان مان محسوس ٿي رهيو آهي ته حڪومت ۽ فوجي قيادت ۾ ويڇا تمام گهڻا وڌي وياآهن هاڻي اسٽيبلشمينٽ عمران خان مان پنهنجو دامن آجو ڪرائڻ چاهي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.