ڪڪڙ ڪيڊٽ ڪاليج رڳو ڪاغذن ۾ موجود آهي: حليم عادل

ڪڪڙ (ن ع آ)سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ ڪڪڙ ۾ 13 سالن کان زير تعمير ڪيڊٽ ڪاليج جو دورو ڪيو ۽ ھلندڙ ڪم جو جائزو پڻ ورتو جنھن بعد ھن  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هر سال بجيٽ رليز ڪئي وڃي ٿي ڪيڊٽ ڪاليج صرف ڪاغذن ۾ موجود آهي پر ان جي بجيٽ وڌندي وڃي ٿي ۽ ٽيڪس ڏيندڙ عوام جو پئيسو پنهنجي ڪميشن لاءِ ضايع ڪيو پيو وڃي ۽ منصوبي کي مڪمل نه ٿو ڪيو وڃي حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ ۾ تعليم جو نظام مفلوج آهي دادو ضلعي ۾ 2200 اسڪولن مان 700 اسڪول مڪمل طور بند پيل آهن هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي نالي تي اسڪيمون شروع ڪري سنڌ جا حڪمران مال ٺاهين ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.