سنڌ حڪومت پاران شهيد ناظم جي وارثن لاءِ10 لک رپين جو چيڪ

ملير: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران شهيد ناظم جوکيو جي وارثن جي مالي مدد لاءِ ڏهه لک روپين جي رقم مقتول جي بيواه شيرين جوکيو جو سنڌ بينڪ ۾ ڪائونٽ کولائڻ بعد ڏهه لک روپين جي مالي مدد جو چيڪ موڪليو ويو جنهن جي تصديق سنڌ بينڪ جي مينيجر ۽ وارثن پاران ڪئي وئي.

شهيد ناظم جوکيو جي وارثن سان عذرخواهي جو سلسلو جاري

ملير (رپورٽر) مقتول ناظم جوکيو جي تڏي تي ستين ڏينهن به مختلف سياسي سماجي اڳواڻن پاران تعزيتن جو سلسلو جاري رهيو، قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو، سنڌ نيشنل پارٽي جي اڳواڻ رمضان بليدي، علي بخش مگسي، امير قمبراڻي، مختيار مغل،شهيد دودو سومرو ويلفيئر جو چيئرمين علي محمد سومرو، گلزار احمد سومرو، سنڌ هاري ڪميٽي جو صدر ثمر حيدر جتوئي، واجد علي شر، آزاد عالم لاشاري، پورٽ قاسم پيپلز يونين جي اڳواڻن نور محمد جلباڻي، شبير گبول، سيد مون شاهه بخاري، تاج شر، صحافي عاجز جمالي ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن تڏي تي پهچي ڪري مقتول ناظم جوکيو جي وارثن ڀاءُ افضل جوکيو ۽ ٻين سان تعزيت ڪري ڏک ۽ همدردي جو اظهار ڪيو،

”عرب شهزادي کي به نامزد ڪيو“ ملير ۾ جسقپ جو احتجاج

ملير(ڊ ر) شھيد ناظم جوکيو جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ جسقپ پاران ملير ۾ صحافين، سياسي سماجي اڳواڻن طرفان  پريس ڪلب اڳيان مين روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،احتجاج ۾ جسقپ مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ دودوديشي ،  محمد بخش ڀٽي، فرمان علي ڦلپو، اميتاز چانڊيو، غني بلوچ ، فدا ابڙو ٻين شرڪت ڪئي، مظاهري  ۾ شھيد جي تصرير کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي بعد ۾  دودوديشي ٻين احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته ڪيس ۾ نامزد ٻيا جوابدار پڻ پوليس گرفتار ڪري نه سگهي آھي،  اڳواڻن مطالبو ڪيو ته عرب شھزادي کي پڻ ايف آئي آر ۾ نامزد ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.