”سردار تو سان جنگ آ“ سڄي سنڌ ۾ ريليون، شهيد ناظم جوکئي کي ڀيٽا پيش

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) سنڌ جو نعرو سرداري  نظام کان ڇوٽڪارو واري عوامي آواز جو سڏ جرجهنگ گونجي اٿيو، سرداري نظام ۽ سر دار نه کپن  جا نعرا، بدين ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ  شاھنواز سيال ، غلام قادر مراداڻي،رسول بخش چانگ،نياز سيال،ايس يو پي جي امير حسن آزاد، جاويد منڌرو، سول سوسائيٽي جي اڳواڻن صدام پٺاڻ،عبدالغفار انصاري سنڌي ادبي سنگت شاخ بدين جي اڳواڻن مجيد ملاح، ستار جوکيو، لاڙ ثقافتي ارٽس ڪائونسل بدين جي اڳواڻن صدر الھڏنو جوڻيجو،جنرل سيڪريٽري عبدالستارجوکيو،سينئر صحافين ايوان صحافت بدين جي صدر حاجي خالد محمود گھمڻ، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جي نائب صدر مصطفيٰ جمالي، لالا ھارون گوپانگ، حاجي سرور جمالي،زبير جوڻيجو،غلام حسين چاوڙو، عزيز سومرو،شاد الطاف ميمڻ مجيد ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻن چيو ته هاڻي  سرداري سوچ رکندڙ پنھنجي موت پاڻ مري ويندا ھنن چيو ته عوامي آواز ميڊيا گروپ وقتائتو فيصلو ڪيو ،”ڀوتارڪو نظام نامنظور“مٺي ۾ شھيد ناظم جوکيو جي خون سان انصاف ۽ ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سوين ماڻھو روڊن تي نڪري آيا،ڪشمير چوڪ تي ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو،ان ڏس ۾ مختلف سياسي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن پاران صادق فقير چوڪ کان وڏي ريلي ڪڍي شهيد ناظم جوکيو کي ڀيٽائون پيش ڪرڻ لاءِ ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو،ريلي ۾ جماعت اسلامي،قومي عوامي تحريڪ،ايس ٽي پي،عوامي تحريڪ،ايس يو پي،بي آءِ ايف،اي جي پي،جي يو آءِ جا اڳواڻ ۽ وڪيل صحافي ۽ شھري وڏي انگ ۾ شريڪ ٿي ويا،شهيد ناظم جوکيو جي ناحق ٿيل خون سان انصاف لاءِ ڪشمير چوڪ تي ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻي سبب روڊ بلاڪ ٿي ويو،ان موقعي تي اڳواڻن عبدالسبحان سميجو،گهنشام مالهي،شاهنواز هنڱورجو،ڪامريڊ گومون ڀيل،عمر انڙ،ممتاز نهڙيو،فقير ارشاد ڪنڀار،ڊاڪٽر دليپ دولتاڻي،اعجاز بجير،ڊاڪٽر غلام الله بچاڻي،اڪبر درس،نهال سوراڻي،ڪرشن ميگهواڙ،مير محمد بليدي،رمضان لنڊ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته  ناظم جوکيو جو قتل فطرت ۽ انسانيت جو قتل آھي،اهڙي دهشتگردي تي لعنت وجهون ٿا،هنن چيو ته جيستائين شھيد ناظم جي قاتلن کي منتقي انجام تي نه پهچايو ويندو جيستائين تحريڪ جاري رکي ويندي،هنن چيو ته ٿر جو شعور شهيد ناظم جي پونئرن سان هر قدم گڏ آھي جاگيردارن ۽ سردارن جي ڳچي ۾ ڳٽ وجهڻ تائين خاموش نه ويهنداسين،مٺي ۾ شھيد ناظم جوکيو کي ڀيٽا لاءِ گڏ ٿيل سوين ماڻھن جي پروگرام دوران سياسي سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر دليپ دولتاڻي پاران شھيد جي وارثن کي 50 هزار روپيه ڊونيشن ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي،موري ۾ ساس پاران ڀيٽا طور ناظم جوکيو جي تصوير آڏو ڏيئا ٻاري تقريب منعقد ڪئي وئي جنھن جي صدارت شاخ مورو سيڪريٽري امداد سولنگي ڪئي تقريب ۾ پارس انصاري، خادم بالادي، ھاشم سولنگي، اسماعيل سولنگي، جميل عباسي، سجاد سولنگي، ارشاد علي، مريد سيال، ڊاڪٽر خدا بخش، وحيد مستوئي، عادل، اشھد ۽ ٻين شرڪت ڪئي، هوڏانهن سنڌ ترقي پسند پارٽي تعلقي نوابشاهه پاران شاھنواز ڪيريو، سيد رستم شاھه، زاھد حسين وسطڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته  ته ناظم جوکيو جو قتل سنڌ سرڪار جي نااهلي آهي، هنن چيو ته شهيد ناظم جوکيو جي ايف آئي آر ۾ دهشتگردي جي قلم سان گڏ رهيل جوابدارن کي شامل ڪيو وڃي، ڦل ۾ سگا، جسقم ۽ صحافين پروفيسر بخش علي چانڊيو پروفيسر عبدالسميع ڀنڀرو،مور سنڌي،فياض سولنگي غلام مرتضيٰ ڦل محمد خالد ميمڻ  پروفيسر رياض احمد چانڊيو استاد سلطان ڦل  ڪامريڊ وسيم ڀنڀرو  فيصل وڳڻ ثاقب ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي،  فريدآباد ۾  علي عباس چنا صحافي راجا انور چانڊيو، محمد اسحاق چانڊيو،امين بروهي، فنڪار پنھل فقرا، خادم خاصخيلي، احمد علي چانڊيو،سرمد بروهي،خادم ڏيرو،علي گوهر چنو،شير ڏيرو،جڙيل چانڊيو،غازي چانڊيو،سڪندر بروهي،فھد بروھي فنڪار پنھل چانڊيو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ،گپچاڻي ۾  عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سڏ تي عنايت بروهي، زاهد حسين گپچاڻي، امرمقصود ايڊووڪيٽ اسد علي ڪامريڊ ضياء گپچاڻي، جميل احمد الھه بخش بروهي عامر گپچاڻي، خيرپور ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي آڊيٽر سجاد ميراڻي کرڙاھ ۾ ساس جي عهديدارن نامياري شاعر مرتضيٰ ڦل، شاعر صادق لاشاري، حَسين علي ڦل ،ڪوٽڙي ۾ سياسي،سماجي ڌرين، عوامي آواز ميڊيا گروپ طرفان سرداري نظام خلاف اعلانيل سڏ کي عمرڪوٽ واسين ڀرپور موٽ ڏيندي شھيد ناظم جوکيو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڪارونجهر چوڪ کان پريس ڪلب تائين شاندار ريلي ڪڍي وئي اڳواڻن شاعر حاجي ساند، ايس يو پي اڳواڻ گل بجير ايم ايس ايف اڳواڻ فقير محب منگريو، ھيومن رائيٽس اڳواڻ عبدلغني ھاليپوٽو ايس ٽي پي اڳواڻ ميھار بنگلاڻي بار جي جرنل سيڪريٽري ذوالفقار گجو پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر علي نواز شاھاڻي، عبدالڪريم منگريو، آبادگار علي رضا راڄڙ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سردارن هڪ ناظم کي خاموش ڪري هزارين لکين ناظم پيدا ڪري پنهنجي پاڻ لاءِ وڏيون مشڪلون پيدا ڪري ڇڏيون آھن سنڌڙي ۾ مظاھري جي اڳواڻي فيروز شر  عبدالمالڪ شر  رحمت الله  شر  ڪئي، ڄام اويس ۽ ڄام عبدالڪريم کي ڦاسي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ڦلجي اسٽيشن ۾ جسقم جي لالا ظھير سومرو، رمضان پنھور، ايس ٽي پي جي شهباز ملڪ سيتا سرجڻهار فورم جي مشهور ميمڻ شھيد مخدوم بلاول ويلفيئر ايسوسيئيشن جي وسيم پنھور صحافي تنظيم جي اڳواڻ شاھنواز سومرو رانا نديم رانا محفوظ ظھير عباسي ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي،هوڏانهن عوامي آواز اخبار جي طرفان ڏنل  سڏ تي سڳيون ۾ ميان اسدﷲ چنا، فدا عباسي، عرفان چنو، امير لڪ، عاشق چنو، وحيد لڪ ،شبير لڪ ،تسليم احمد ڪوري ۽ ٻين ڀيٽا تقريب ۾ شرڪت ڪئي،سيٺارجا ۾ صحافين حسين بخش ڪٻر ، زاھد گل سولنگي ، عاشق حسين اسلامي ،علي گل ڪٻر ، سجاد علي ڪٻر ، الطاف ڀٽو ، صدام ڪٻر,سنيل احمد , محمد ياسين آرائين,عبدالمجيد سولنگي , محمد حنيف لنڊ سول سوسائٽي جي الھڏتو گل ، ناصر جميل آرائين شھدادڪوٽ ۾ ايس يو پي جي سڏ تي ڪارڪنن,سوشل ورڪرن ۽ شھرين پير بخش ڀٽي, حمل خشڪ,ايڊوڪيٽ ابرار سومرو,الله داد خشڪ,عبد الله سنڌي ۽ حاڪم مستوئي جي اڳواڻي ۾  پريس ڪلب کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ايس ٽي پي تعلقه شھدادپور پاران ناظم جوکيو جي قاتلن جي گرفتاري ۽ سرداري نظام خلاف ايس ٽي پي هائوس شھدادپور کان ضلع صدر علي ڏنو خاصخيلي ، رفيق جلالاڻي جعفر سنڌي وارث مگسي، علي حسن مشوري، جعفر بروهي راجه حڪيم شيدي، وقارلغاري، اياز سولنگي  ثمرعلي سمون، ڊاڪٽر دلبر بڙدي، احمدعلي عمراڻي، فضل محمد جلالاڻي، ڪي بي جلالاڻي، احسان جلالاڻي، صدام شر ،ضمير لاکو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ناظم جوکيو جي خون سان انصاف ملوث سردارن خلاف قدم کڻو جنگ آ جنگ سرارئو وڏيرو تون  سان جنگ آسرداري نظام مردا باد۽ ٻيا نعره هنيا ويا، ٽنڊي آدم ۾ جسقم اڳواڻن الهداد مري ، شبير ڪوريجو ، ارشاد بروهي سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل جي اڳواڻن وقار برهماڻي ، عمر ورياهه ۽ ٻين  خطاب ڪيو.

چيو ته  شھيد ناظم جوکيو کي انصاف ڏيارڻ لاءِ  سنڌي قوم کي سجاڳ ٿيڻو پوندو  پريس ڪلب ٿاڻوبولاخان ڀيٽا پيش ڪرڻ واري ميزبان صحافي سھيل يوسف ميمڻ ،نديم ميمڻ ،پرويز يوسف ميمڻ ،پريس ڪلب ٿاڻوبولاخان جي صدر امتياز مڱڻھار ،آپا ڪلثوم خاصخيلي ،خدا بخش وڪيجو ،معشوق حملاڻي ٻين چيو ته ناظم جوکيو پنھنجي ڌرتي ،جھنگلي جيوت سان پيار ڪندڙ ھو  سندس جستجو فطرت کي بچائڻ لا ھئي ٺري ميرواهه ۾ ڪسان مزدور اتحاد پاڪستان جي چيئرمين سرفراز حسين ، ھيومن رائيٽس پروٽيڪشن فورم پاڪستان جي وائيس چيئرمين منظور حسين دستي، سيد منظور حسين شاھ، الھنواز دستي، پرويز علي ڀٽي، غلام نبي اسلامي، امير جوڳي ۽ ٻين شھيد ناظم جوکيو کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران ڀوتارڪي نظام خلاف آواز اٿارڻ تي ان جي آجيان ڪيون ٿا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.