شهدادڪوٽ: ايس يو پي پاران ناظم جوکيو جي قتل خلاف ريلي، ڌرڻو

شهدادڪوٽ: ايس يو پي پاران ناظم جوکيو جي قتل خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

شهدادڪوٽ ۾ ايس يو پي پاران ناظم جوکيو جي قتل واري واقعي خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

ايس يو پي جي سڏ تي ڪارڪنن ۽ ۽ شھرين پير بخش ڀٽي، حمل خشڪ،ايڊوڪيٽ ابرار سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  پريس ڪلب کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو.

ان موقعي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پ پ حق لاءِ آواز اٿاريندڙن ڄاڻي واڻي نشانو بڻائي خاموش ڪرڻ چاھي ٿي ته جيئن ڪو پنهنجي حق لاءِ آواز نه اٿاري.

هنن چيو ته جيئن ڪو پنهنجي حق لاء آواز نه اٿاري, هنن چيو ته ناظم جوکيو جو ڏوهه اهو هو ته هن پنهنجي ڳوٺ طرف وڌندڙ عرب شڪارين جي قافلي جي رستا روڪ ڪري وڊيو ھلائي جنهن تان مڇرجي ڄام اويس کيس بي رحمي سان تشدد ڪري قتل ڪيو.

هنن مطالبو ڪيو ڪيس جي جاچ ڪنهن ساک واري اداري حوالي ڪري جوابدارن کي عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي ۽ سنڌ ۾ عرب شڪارين جي شڪار تي پڻ پابندي ھنئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.