فهميده سيال جو قتل واقعو دهشتگردي،پ پ ۾ ويٺل سردار سنڌ تباهه پيا ڪن: حليم عادل/ام رباب

قمبر(رپورٽ:محمود شيخ ) قمبر جي ڳوٺ خيرپور جوسو واقعي ۾ قتل ٿي ويل فهيده سيال جي تعزيت لاءِ پي ٽي آءِ سنڌ جو صدر اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ،ام رباب چانڊيو،ايم پي اي راجا اظهر حسين،سيد طاهر شاهه، محمد علي هڪڙو ۽ ٻيا اڳواڻ تعزيت لاءِ وارثن وٽ پهچي ويا،ان موقعي تي گڏيل پريس  ڪانفرنس ڪندي حليم عادل شيخ، ايم پي راجا اظهر حسين ۽ ام رباب چيو ته سنڌ اندر جاگيرداري ظالمن جو راڄ قائم آهي،ا هي سنڌ تباهه پيا ڪن، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جاگيرداراڻي نظام جي خلاف هو جن جاگيردارن کي اوهان ووٽ ڏنا هاڻي اهي اوهان وٽ ميڙمنٿ ڪري ايندا راڄوڻي ڪرڻ لاءِ اسان کي قانوني رستو وٺڻ گهرجي هنن وڌيڪ چيو ته هرڏينهن ڪنهن نه ڪنهن مظلوم جو ناحق خون وهايو وڃي ٿو ۽ ان واقعن ۾ سنڌ حڪومت جا ايم پي اي ملوث آهن هنن چيو ته ايس ايس پي قمبرشهدادڪوٽ سڌي ريت ايم پي اي گهنور اسراڻ جو ساٿاري بڻيل آهي هنن وارثن کي اپيل ڪئي ته قاتلن سان ڪنهن به صورت ۾ راڄوڻي نه ڪن کين قانون موجب سزا ڏياري وڃي جڏهن ته قمبر جي ڳوٺ خير پور جوسو ۾پنج ڏينهن اڳ پلاٽ جي مالڪي جي معاملي تان اسراڻ برادري جي ھٿيار بندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل عورت فھميده سيال جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن تصور اسراڻ،عزيز اسراڻ،طالب لاڙ،سيف الله شاھاڻي کي پکو ٿاڻي جي پوليس قتل ڪيس ۾رمانڊ لاءِ قمبر جي سول جج ائنڊ جڊيشل مئجسٽريٽ 2 علي بخش مشوري جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي پوليس عدالت سڳوري کي قتل ڪيس ۾گرفتار جوابدارن کان جاچ لاءِ 14   ڏينهن جي رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي جنهن تي عدالت چئن ڏينھن جو رمانڊ منظور ڪندي ايندڙ ٻڌڻي 12 تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.