انفنڪس جو طاقتور بيٽري ۽ فاسٽ چارجنگ سان ليس نئون فون متعارف

افنڪس طاقتور بيٽري ۽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان ليس نئون سمارٽ فون نوٽ 11 ايس متعارف ڪرائي ڇڏيو.

واضح رهي ته انفنڪس تازو ئي نوٽ 11 ۽ 11 پرو متعارف ڪرايا هئا ۽ هاڻ ان سيريز ۾ نئين فون جو اضافو ڪيو ويو آهي.

ان فون جي حوالي سان ليڪس آڪٽوبر ۾ سامهون آيون هيون پر ان وقت نالو جي خبر نه هئي پر هاڻ ان فون کي ٿائيلينڊ ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.

ان مڊرينج سمارٽ فون ۾ ميڊيا ٽيڪ جو هيليو جي 96 پراسيسر ڏنو ويو آهي.

فوٹو بشکریہ انفینکس

ڊوائيس ۾ 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج واهپيدارن کي دستياب هوندي جنهن ۾ مائڪرو ايس ڊي ڪارڊ سان وڌيڪ اضافو ڪري سگھجي ٿو.

انفنڪس 11 ايس ۾ 6.95 انچن جي ايل سي ڊي ڊسپلي فل ايڇ ڊي پلس ريزولوشن ۽ 120 هرٽز ريفريش سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي.

فون ۾ 180 هرٽز ٽچ سيمپلنگ ريٽ سپورٽ به موجود آهي.

ڊوائيس ۾ اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم کي ڪمپني جي پنهنجي انٽرفيس ايڪس ۽ او ايس سان ليس ڪيو ويو آهي.

انفنڪس 11 ايس ۾ ڊوئل سم سپورٽ، هيڊ فون جيڪ ۽ يو ايس بي سي پورٽ جهڙا فيچرز به موجود آهن.

فوٹو بشکریہ انفینکس

فون جي خاص ڳالهه ان جي 5000 ايم اي ايڇ جي طاقتور بيٽري آهي جنهن سان گڏ 33 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ ڏني وئي آهي.

فون جي بيڪ تي 3 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي جنهن جي مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ افيڪٽ ۽ 2 ميگا پڪسل ميڪرو شاٽس ڪيمرا ڏنيون ويون آهن.

فون جي فرنٽ تي 16 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا پنچ هول ڊزائين ۾ ڏني وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.