ڄامشورو: شھيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائين اينڊ ھيريٽيجز ۾ داخل لاءِ اينٽري ٽيسٽ ورتي وئي

شھيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائن اينڊ ھيريٽيجز ڄامشوري ۾ سال2022ع جي داخلا لاءِ اينٽري  ٽيسٽ ٿي گذري.
انٽري ٽيسٽ ۾ سنڌ، پنجاب، بلوچستان، خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان 400 اميدوارن حصو ورتو. فائن آرٽ، آرڪيٽيڪچر، ڪميونيڪيشن ڊزائن ۽ ٽيڪسٽائل شعبن ۾ داخلا لاءِ اميدوارن کان ملٽي پل چوائس (انگريزي، مئٿميٽڪس، جنرل ناليج) ۽ ڊرائنگ جي ٽيسٽ ورتي وئي جڏهن ته داخلا لاءِ 50 سيڪڙو سيٽون سنڌ ۽ 50 سيڪڙو ملڪ جي ٻين علائقن جي اميدوارن لاءِ مخصوص ڪيون ويون هيون.
ان موقعي تي شھيد اللھ بخش سومرو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آرٽسٽ بنيادي طور تخليقڪار ڪٽنب سان واسطو رکي ٿو ڇا ڪاڻ ته هو پنهنجي پينٽنگس، رنگن ۽ بُرش سان هڪ ڪائنات چِٽي ٿو.
هن چيو ته آرٽ ڏانهن لاڙو رکندڙ اميدوار اسان جي اداري ۾ داخلا وٺڻ لاءِ بي چين هوندا آهن ۽ سندن پڙهائي دوران اسان کي لڳندو آهي ته هو پيدائشي آرٽسٽ ئي آهن, اڄوڪي انٽري ٽيسٽ حصو وٺندڙن جي ميرٽ جي بنياد تي پڻ داخلا ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.