سنڌ حڪومت شهيد ناظم جي وارثن سان گڏ آهي: صادق ميمڻ

ملير( ڊ ر)خصوصي ماڻهن جي بحالي بابت وزيراعليٰ سنڌ جي معاون خاص صادق علي ميمڻ شهيد ناظم جوکيو جي رهائش گاهه تي پهچي مرحوم جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي.صوبائي وڏي وزير  جي معاون خاص صادق علي ميمڻ ناظم جوکيو جي وارثن کي يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت ڏک جي هن گهڙي ۾ هنن سان گڏ آهي ۽ انهن کي مڪمل انصاف فراهم ڪيو ويندو ۽ اهڙي ڪريل فعل ۾ ملوث جوابدار پنهنجي منطقي انجام تائين پهچندا. ان موقعي تي ممتاز علي ميمڻ، آفتاب عالم سومرو، رئيس حسين، سليم گندر ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.