سجاول لڳ ڪار ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ٽڪر، هڪ ڄڻو زخمي

سجاول (ڊ ر) سجاول لڳ ڪار ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر، حادٽي سبب لاڙ شگر ملز جو عملدار سخت زخمي ٿي پيو خبر موجبسجاول جاتي روڊ تي  لاڙ شگر ملز وٽ تيز رفتار ڪورولا ڪار ۽ ٽريڪٽر ٽرالي  ۾  ٽڪر ٿي پيو جنهن ڪري ڪار ۾ سوار لاڙ شگر ملز جو ڊي جي ايم رفاقت علي تنولي سخت زخمي ٿي پيو آهي جنهن کي فوري طور 1036 ايمبولنس ذريعي  ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال  سجاول آندو ويو جتي کين ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ ڪراچي اماڻيو ويو آهي.

 نوشهري فيروز ۾ ارڙي جي بچاءُ لاءِ جاڳرتا ريلي

نوشهرو فيروز ( ڊ  ر ) ڊي ايڇ او پاران موذي مرض ارڙي خلاف مهم هلائي وئي مهم جو آغاز سول اسپتال نوشهرو فيروز کان نيشنل پريس ڪلب تائين واڪ ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر اڪبر علي ڦل ڪري رهيو هو هن ان موقعي تي چيو ته ارڙي جي مهم پندريهن نومبر کان ستاويهي نومبر تائين جاري رکي ويندي جنهن ۾ 9 مهينن جي ٻارڙن کان 15 سالن تائين وارن کي اسڪول ۽ گهرن ۾ وڃي ٽڪا لڳايان ويندا جنهن لا۽ ٽيمون جوڙيون ويون آهن ان موقع تي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر اڪبر ڦل چيو ته منهنجي ضلعي جي شهرين سماجي تنظيمن کي ڀرپور اپيل آهن ته مهرباني ڪري اسان سان هن مهم ۾ حصو وٺي ڪامياب ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.