چئن ڏينهن ۾ کنڊ 47 رپيا مهانگي، في ڪلو 160 رپين تائين پهچي ويو

ڪراچي/اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ کنڊ جو اگهه وڌڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ في ڪلو کنڊ جي قيمت 160 رپين تائين پهچي چڪي آهي. مارڪيٽ ذريعن موجب ڪوئيٽا ۾ هول سيل مارڪيٽ ۾ کنڊ 142 رپيا فيڪلو وڪرو ٿي رهي آهي. جڏهن ته ريزڪي  سطح تي مارڪيٽ ۾ کنڊ جي قيمت ۾ وڌيڪ 5 رپيا واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ اها 160 رپيا في ڪلو وڪرو ڪئي پئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته چئن ڏينهن دوران کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 47 رپين تائين واڌ ٿي آهي. ٻئي پاسي حيدرآباد ۾ کنڊ 148 کان 150 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي. ميرپور آزاد ڪشمير  ۾ به ريزڪي کنڊ 150 رپين ۾ ڪلو ملي رهي آهي. يوٽيليٽي اسٽورز تي رعايتي اگهن تي کنڊ نه پئي ملي. فيصل آباد ۾ کنڊ جو بدترين بحران پيدا ٿي ويو آهي. کنڊ جي قيمتن ۾اضافي سبب پشاور جا شهري به پريشانين جو شڪار آهن. شهري 150 روپيه في ڪلو کنڊ خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. ڊيلرن جو چوڻ آهي ته کنڊ جون قيمتون وڌيڪ وڌنديون. لاهور ۾ کنڊ ناياب بڻجي وئي. شهر جي وڏين منڊين مان کنڊ غائب آهي. دڪاندارن ڏنڊ ۽ ڪيسن کان بچڻ لاءِ کنڊ رکڻ ئي ڇڏي ڇڏي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.