ناظم جوکيو قتل: سنڌ جي گورنر وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

 

ڌاٻيجي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته ناظم جوکئي کي انتهائي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو، اسان شهيد جي خاندان کي اڪيلو نه ڇڏينداسين.

عمران اسماعيل ڌاٻيجي ڀرسان سالار ڳوٺ پهچي مقتول نوجوان ناظم جوکئي جي وارثن سان تعزيت ڪئي.

سنڌ جي گورنر چيو ته ناظم جوکئي کي بي رحمي سان قتل ڪرڻ تي افسوس آهي، قتل پرڏيهي شڪارين سبب نه پر شاهه کان وڌيڪ شاهه جي وفادارن سبب ٿيو آهي، شاھه کان وڌيڪ شاھه جي وفادارن هڪ نوجوان کي قتل ڪري خاندان اجاڙي ڇڏيو آھي.

هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ اهڙا ڪيترائي ميمبر ويٺا آهن، جن تي قتل جا الزام آهن، وڏي وزير کي گهرجي ته انهن جو ٽرائل ڪرائي، بااثر جوابدار کي بچايو پيو وڃي، ايف آءِ آر ۾ ڪجهه نالا آهن، اصل جوابدارن جا نالا ناهن.

سندس چوڻ هو ته جي آءِ ٽي ٺهي آهي پر ان تي وارثن جو اعتماد ناهي، وفاقي سطح تي جي آءِ ٽي ٺاهينداسين، وارثن طرفان وڪيل جو بندوبست به ڪنداسين.

عمران اسماعيل چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي هتي آيو آهيان، کيس واقعي جا تفصيل ڏيندا، جهنگ جو قانون هلڻ نه ڏينداسين.

گورنر چيو ته اسان شهيد جي خاندان کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، سنڌ ۾ جاگيردارن کي غريب کي مارڻ جو مليل لائسنس ختم ڪرائينداسين، جنهن کانپوءِ ڪو به جاگيردار غريب سان ظلم نه ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.