ٽنڊي آدم لڳ وين جي ٽڪر ۾ نينگري فوت، 3 زخمي

ٽنڊو آدم ( ن ع ا ) ٽنڊو آدم ۾ ڏياري ملهائڻ ايندڙ مٽياري واسي خاندان سان حادثو ٻارڙي فوت 3 ڄڻا زخمي رپورٽ موجب ٽنڊو آدم ۾ ڏياري ملهائي واپس مٽياري جي ڳوٺ خدا ڏنو شاھ واسي فيملي سان  سٽي ٿاڻي جي حد ڀٽ شاهه روڊ تي تيز رفتار وين ۽ موٽرسائيڪل ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار ٻن ورهين جي نينگري ڪويتا ڌي گيانچند ٿڏي تي فوت وئي جڏهن ته راڻو مل سندس زال رام ٻائي ۽ ڌي ڏيوي سخت زخمي ٿي پيا۔  پوليس زخمين ۽ فوتي ٻارڙي کي تعلقا اسپتال آندو۔ جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي ۽ زخمين کي ڳڻتي حالت ۾ ايل ايم يو حيدرآباد نيو ويو آهي۔ جڏهن ته مسافر وين کي تحويل ۾وٺي  ڊرائيور الاهي بخش ڪوري کي سٽي پوليس گرفتار ڪري ورٿو آهي۔ واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.