کوکراپار لڳ ڳوٺ تي چڙهائي، اجها ڊاهي پٽ، احتجاج

کوکراپار(ن ع آ) ملير ۾ قومي شاهراهه لڳ  قديم سنڌي وسندي محمد خان گبول ڳوٺ تي پورٽ قاسم انتظاميا مقامي فيڪٽري مالڪ ۽ روينيو عملي جي گڏيل چڙهائي ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ، رهواسين طرفان ميمڻڳوٺ پهچي احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو، اسان جو ڳوٺ پورٽ قاسم ۽ مقامي صنعتڪارن جي اک ۾ ڪنڊو آهي پنجون ڀيرو چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪيو ويو آهي عدالتي ڪاروائين جو به ڪو لحاظ نٿو رکيو وڃي، ڪاروائيون بند نه ڪيون ويون ته احتجاجي جو دائرو وسيع ڪنداسين ڳوٺاڻن جون صحافين سان ڳالهيون، تفصيل موجب ملير ۾ قومي شاهراهه لڳ  قديم سنڌي وسندي محمد خان گبول ڳوٺ تي پورٽ قاسم انتظاميا مقامي فيڪٽري مالڪ ۽ روينيو عملي جي گڏيل چڙهائي ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ،ڪري ڇڏياجنھن جي خلاف رهواسين ميمڻ ڳوٺ پهچي احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي اڳواڻن محمد خان گبول فيض سنڌي اميد علي گبول عبدالرزاق گبول ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ڳوٺن تي روزاني جي بنياد تي چڙهائيون ڪري جيئڻ جو حق کسيو پيو وڃي انتظاميا سهولتون ڏيڻ بجاءِ ڳوٺاڻن جي زندگيءَ کي عذاب بڻائي ڇڏيو آهي سنڌ حڪومت ۽ اعلي عدليه ظلم جو نوٽيس وٺي اسان ڳوٺاڻن سان انصاف ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.