برک عالم مولانا عزيزالله ٻوھيو جو وڇوڙو

تحريرـ؛عامر خان مهيسر

عزيزالله ٻوھي 14 مارچ 1946ع ۾ ضلعي نوشهروفيروز جي ڳوٺ خير محمد ٻوھيو ۾ استاد عبدالروف ٻوھيو جي گهر ۾ اک کولي، ھن بنيادي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي اسڪول ۽ مدرسي مان حاصل ڪئي، وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ سکر جي واري تڙ جي ديني مدرسي مان پرائي اُتي ئي مدرسي ۾ ٻارڙن کي پڙھائڻ وارو عمل شروع ڪري ڏنو ھو، وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ھن سکر جي واري تڙ واري علائقي ۾ ھڪ پريس آفيس پڻ کولي جنهن جي ذريعي پنهنجي ڪم ڪار کي اڃان به وڌيڪ وسيع ڪرڻ جو عمل جاري رکيو ھيو، ھن جي کوليل پريس آفيس تي سنڌ جي قومي دانشور، ڏاھي عبدالواحد آريسر ۽ سنڌ جي ناليواري شاعر ادل سومري سميت ٻين ڪيترين ئي شخصيتن پڻ ڪم ڪيو ھيو.

مولانا عزيزالله ٻوھيو، جميعت علماءِ السلام جو جوشيلو ڪارڪن رھڻ سان گڏوگڏ مولانا مفتي محمود جو ٻانهن ٻيلي پڻ رھيو، ھيءُ ڪيترن ئي سون جي تعداد ۾ ڪتابن جو پڻ خالق رھيو، ھن ملڪ اندر ڪيترن ئي اتحادن ۾ حصو پڻ ورتو جن ۾ تمام سرگرم پڻ رھيو، سنڌ نيشنل الائينس، يو اين اي، پونم سميت ٻين ڪيترن ئي ننڍن ننڍن اتحادن ۾ پڻ ڪم ڪندو رھيو، مولانا عزيزالله ٻوھي، سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ تمام گهڻيون مشڪلاتون ڏٺيون ۽ ڪيترائي سال جيلن جي سيکن پٺيان گذاريا ھئا، ھن کي انهن ڏکيائن ۽ جيل جي سزائن ايترو ته مضبوط ۽ پختو ڪيو جو ھڪ تر به پوئتي نه ھٽيو پر اڳ کان اڳ ڀرو سنڌ ۽ ماروئڙن جي حقن جي ڳالهھ پهريان کان به واضع ۽ چٽي نموني پيش ڪندو رھيو.مولانا عزيزالله ٻوھي 1980ع واري ڏھاڪي ۾ سنڌ ساگر پارٽي جو بنياد وڌو جتان ھن ھزارن جي تعداد ۾ شاگرد پڻ پيدا ڪيا جيڪي سنڌ ۽ ماروئڙن جي حقن جي ڳالهھ ڪندا ھئا. ھن جي جوڙيل سنڌ ساگر پارٽي ۾ ٻيا ته الائي ڪيترائي نالا ڪم ڪري رھيا ھوندا پر ھڪ اھڙي شخص به ڪم ڪيو آھي جنهن تي سنڌ کي اڄ به ناز آھي ان شخص لاءِ سنڌ جو جهرجهنگ ڳوٺ ڳوٺ واھڻ وستي سميت سن جي سيد سائين جي ايم سيد جو اڱڻ ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ جي روح شهيد بشير خان قريشي جو اڱڻ رتوديرو به راھون نهاري رھيو آھي ته ساگر حنيف بڙدي ڪيڏانهن ھليو ويو آھي، حنيف ٻڙدي تي ”ساگر“ جو لقب سنڌ ساگر پارٽي ۾ ڪم ڪرڻ وقت مليو ھيو جيڪو ساھ جي آخري پساھ تائين رھيو ۽ ھلي رھيو آھي. سنڌ صوفين، وليئن، درويشن ۽ محبت ڪندڙن جي ڌرتي رھي آھي، دنيا جڏھن بارود جي ڍير تي بيٺي ھئي تڏھن به سنڌ وٽ امن جو پيغام ھيو، تڏھن ته شاھ سائين فرمائيندي پوري عالم کي دعا پڻ ڏني آھي.

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين!

اھڙي ئي طرح جڏھن سنڌ اندر وڌندڙ مذھبي انتهاپسندي کي روڪڻ لاءِ  ھڪ مولانا ساھ جي آخري تند تائين خاموش ٿي نه ويٺو ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾ بيداري پيدا ڪري سجاڳي آندي ۽ مذھب جي نالي تي من گهڙت ڳالهين کان واقف ڪيو ۽ گمراھ ڪندڙ خلاف ڪيترائي ڪتاب لکي انهن ماڻهن کي قرآن شريف جي آيتن جا حوالا ڏئي انهن مان ئي ڪوڙو پڻ ثابت ڪيو ته ڌرتي جا خدا سڏائيندڙ مولانا عزيزالله ٻوھي خلاف ڪاوڙجي پيا ۽ ڪيترائي دفعا ڪافر ھجڻ جون فتوائون پڻ ڏنيون ويون پر ھن کي پوءِ به پنهنجي منزل ۽ مقصد تان ھٽائي ڪين سگهيا.

سال 2014ع ۾ ضلعي بدين ۾ ڀوري ڀيل جي لاش جي تذليل ڪري ان کي قبرستان مان ٻاھر ڪڍيو ويو ھيو ته ان وقت مولانا عزيزالله ٻوھيو اکين مان نير وھائيندي نوشهروفيروز جي پريس ڪلب تي صحافين سان مخاطب ٿيندي ھڪ اھڙو ۽ تاريخي فيصلو ڪندي وصيت ڪئي ته ڀوري ڀيل جي لاش جي تذليل ڪئي وئي آھي جيڪا ناقابل برداشت آھي پر جڏھن آئون ھيءَ دنيا ڇڏي وڃان ته مونکي ضلعي مٽياري ۾ باءِ پاس تي موجود ڀيلن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو وڃي،

ان وقت تڏھن ڪنهن شاعر چيو ھيو ته

مون نه ائين ڪو ڃاتو ھو سنڌڙي اھڙا ڏينهن به ڏسندي، مٽي جو ڪو مذھب ھوندو، مٽي ھوندو مسلم ٿيندي!

مولانا ھجڻ باوجود به سنڌ جي سيڪيولر روايتن جي امين عزيزالله ٻوھي ان واقعي تي وڌيڪ چيو ھيو ته جيڪڏھن الله سائين، انسان ۾ فرق ناھي ڪيو ته ھتي مذھب جي نالي تي تذليل ڇو پئي ڪئي وڃي، مولانا عزيزالله ٻوھي ساھ جي آخري پساھ تائين مذھبي انتهاپسندي خلاف آواز بلند ڪيو. مولانا عزيزالله ٻوھيو ڏينهن رات سنڌ جي جهرجهنگ وڃي پنهنجي وت ۽ وس آھر سنڌ جي حقن ماڻڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو، ھن جدوجهد ذريعي سنڌ جي ماڻهن ۾ سياسي سجاڳي پڻ پيدا ڪئي، ھيءُ عبيدالله سنڌي جي ڏنل فڪر ھيٺ رھي ڪري سنڌ جي آجپي لاءِ آخري دم تائين جدوجهد ڪندو رھيو.

مولانا عزيزالله ٻوھيو ھڪ سادي طبعيت جو مالڪ ھيو ھن جي من ۾ ڪابه وڏائي نه ھئي آئون جڏھن شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ پڙھندو ھئس ته دوستن ذريعي سندس ڪتاب مطالعي لاءِ مليا جنهن کانپوءِ ڄاڻ حاصل ٿي ته مولانا جي مٿان جاري ٿيندڙ فتوائون من گهڙت آھن ساڻس ملڻ لاءِ ڏاڍو بيچن ھوندو ھئس ته مولانا سان ڪٿي ڪچهري ٿئي پر سندس سان حال حيات ۾ ايڏي وڏي ڪچهري نصيب نه ٿي سگهي ھا البته آئون جڏھن جيئي سنڌ قومي محاذ پارٽي جي مرڪزي ميڊيا سيل جو انچارج ھئس ته پارٽي طرفان ڀٽ شاھ تي سنڌ ڪانفرنس نالي ھڪ تقريب ڪوٺائي وئي ھئي جنهن ۾ مولانا سان مختصر ڳالھه ٻولهھ ٿي پر جڏھن مولانا صاحب تقريب کي خطاب ڪيو ته ان وقت اھو محسوس ٿي رھيو ته ھن ڌرتي تي اھڙا به مولانا موجود آھن جيڪي ڌرتي سان گڏوگڏ ماروئڙن سان پيار محبت ڪندي انهن جو درد پنهنجو درد سمجهي رھيا آھن. جڏھن ته ھڪ طرف سنڌ کي چئن طرفان کان دشمن گهيري ۾ وڪوڙي رھيو ھجي ۽ مٿان وري مذھبي انتهاپسندي پڻ عروج تي ھجي ته مولانا عزيزالله ٻوھي جهڙا انسان دشمن جي ھر چال سان وڙھاند ڪندي مذھبي انتهاپسندي خلاف به جنگ جوٽي بيهي رھن ٿا ته آئون سمجهان ٿو ته مولانا جهڙا عظيم انسان ھن ڌرتيءَ تي تمام ٿورا ھوندا. مولانا عزيزالله ٻوھي جدوجهد ذريعي جيڪو وڻ پوکيو آھي اھو وڻ سموري سنڌ ۾ وڌي وڏا وڻ پيدا ڪندو ۽ مولانا صاحب جا فرزند ۽ پارٽي جا ڪارڪن سندس جي مشن تي ھلي مولانا صاحب وانگر گجگوڙ ڪري جدوجهد ڪندا رھندا.

2 نومبر جو سج اھڙو ته اڀاڳو اڀريو جنهن سنڌ جي روشن خيال سيڪيولر سوچ رکندڙ مولانا عزيزالله ٻوھي جي ساھ جي تند ٽٽي وئي ۽ سموري سنڌ سميت سندس جي پارٽي سنڌ ساگر جي ڪارڪنن، مٽن مائٽن، عزيزن ۽ چاھيندڙن کي سيوڻ جي دل واري اسپتال ۾ سوڳوار ڪري ھميشه ھميشه جي لاءِ مٽيءَ ماءُ جي ھنج ۾ آرامي ٿي رھيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.