لياري مان بس اڏو ختم ڪرڻ خلاف عوامي محاذ جو احتجاج

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي جي قديمي علائقي لياري ليمارڪيٽ ۾ قائم بدين ٺٽو سجاول بس جي منتقل ٿيڻ خلاف لياري عوامي محاذ جي سڏ تي ليمارڪيٽ ٺٽو بس اسٽاپ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي لياري عوامي محاذ جنرل سيڪريٽري عبدالخالق زدران، سنڌ بلوچستان ٽرانسپورٽ اونر ايسوسيئيشن جي صدر ظفر قريشي، سليم صالح بوزدار، پاڪستان پيپلزپارٽي اڳواڻ ملا نعيم، مظهر شاھ آغا سعيد شاھ خطاب ڪندي چيو ته لياري جو قديمي ٺٽو بس اسٽاپ ليمارڪيٽ جتان کان ٺٽو بدين، سجاول، گڏاپ، منھگوپير، ڪاٺوڙ وغيره جي سستي سواري جي بس جي اڏن کي ليمارڪيٽ کان منتقل ڪري غريب عوام سان گڏو گڏ جونا مارڪيٽ، جوڙيا بازار، ننڍين ننڍين دوڪاندارن جو سنڌ جي مختلف ضلعن جي دوڪاندارن سان ڪاروبار جي لين دين آهي ان کان علاوه سيڪڙو ريڙهي وارن جو روزگار پڻ آهي ھن قديمي بس اسٽاپ کي سنڌ حڪومت ۾ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي هتان کان منتقل ڪري لنڊا بازار جي غير مقامي ماڻهن حوالي ڪرڻ هڪ منصوبي تحت مارڪيٽ ٺاهي پئي وڃي پر لياري جو عوام سنڌ بلوچستان ٽرانسپورٽ اونر ايسوسيئيشن لياري جون سياسي سماجي تنظيمون ان ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏينديون ڇو ته هي پراڻو قديمي بس اسٽاپ سنڌ بلوچستان کي جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو جنهن جي منتقلي سان وڏو ڪاروبار متاثر ٿيندو لياري جو عوام بيروزگار ٿي ويندو قديمي بس اسٽاپ جي منتقلي خلاف سخت مزاحمت ڪئي ويندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.