ٺارو شاهه ۾ مبينا مقابلو، 2 نوجوان مارجي ويا، هڪ هاف فراءِ:شادي واري گهر ۾ ماتم

ٺاروشاھه (ن ع آ) ٺاروشاھه ڀرسان مٺو مري وٽ رات دير سان مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ٻن نوجوانن جي وارثن پوليس مقابلي کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو، شادي واري گهر ۾ ماتم مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان اطھر سولنگي جي امڙ سونو  خاتون ۽ ٻين وارثن پوڙھو سولنگي،گلزار سولنگي، امان الله سولنگي ۽ احتجاج ڪندي ڳوٺاڻن چيو ته نوجوان اطھر سولنگي جي ڀائيٽي جي رات شادي هئي، اطهر سولنگي، محب سولنگي ۽ نور الدين ڀرنڊ جي ڳوٺ مان کير وٺڻ ويا هئا، پوليس ڪوڙو مقابلو ڏيکاري اطهر سولنگي ۽ محب سولنگي کي فل فراءِ ۽ نورالدين کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته مامري جي اڻ ڌري جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، لاش گهر پهچڻ تي شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.