جسقم وفد تڏي تي پهتو، اڄ سڄي سنڌ ۾ احتجاج رٿيل

ملير: جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي نا حق شهيد نوجوان ناظم جوکيو جي وارثن ڏانهن جسقم مرڪز جو وفد جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام، الاهي بخش بڪڪ، اياز ڪورائي جي اڳواڻي ۾ شهيد ناظم جوکيو جي ڳوٺ آچار سالار جوکيو ۾ پهتو، وفد شهيد جي تڏي تي وارثن سان تعزيت ڪئي ،ديدار شام ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نوجوان جي قتل کانپوءِ سنڌ سرڪار شهيد جي قتل تي راڄوڻي ڪرڻ لاءِ شهيد جي وارثن جون همدرديون وٺڻ لاءِ ڪڏهن جوابدارن جي ميمبر شپ معطل ڪرڻ جا بيان پئي ڏئي ته ڪڏهن وري ڄامن جي سردارن کي راڄوڻي لاءِ تڏي تي موڪلي ٿي اڄ جسقم پاران سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.