سعودي طرفان سپورٽ پيڪيج ملڻ کانپوءِ رپئي جو قدر وڌڻ لڳو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب طرفان 4.2 ارب ڊالرن جو سپورٽ پيڪيج ملڻ کانپوءِ پاڪستاني رپئي جو قدر وڌڻ لڳو.

انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جو قدر مسلسل ٻئي ڏينهن گهٽ ٿيو آهي، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 52 پئسا سستو ٿي 172 رپين 26 پئسن جو ٿي ويو آهي.

ٻن ڏينهن ۾ ڊالر جو قدر 2 رپيا 99 پئسا گهٽ ٿيو آهي، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت هڪ رپيو 20 پئسا گهٽ ٿي 173 رپيا آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.