بدين ۾ پورهيت جو احتجاج، زال آزاد ڪرائڻ جي گهر

بدين ( ڊ ر ) بدين جي پير عاليشاھ ڪوٽ جي رھواسي رجب علي ملاح پنھنجي ٻارڙن سان گڏ ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام هڻندي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي شادي 14 سال اڳ  منهنجي ڏاڏي پوٽي شاھده ملاح سان ٿي هئي جنهن مان مون کي چار ٻار به آهن ۽ جنهن کي ھڪ سال اڳ، بازار ويندي دادو واسي جوابدار  اغوا ڪري کڻي ويا ۽ مون بروقت پوليس کي اطلاع به ڪيو پر پوليس ٽن مهينن تائين روليندي رھي ۽ وڏي سفارش کان  پوءِ اغوا جي  ايف آئي آر بدين ماڊل ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي پر پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ٻجائي پئسا گهري رھي آھي،  ھن چيو ته آءِ جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته سندس گهر واري کي فوري بازياب ڪرائي ڏنو وڃي. ٻئي صورت ۾  سومر کان ايس ايس پي بدين جي آفيس اڳيان پنهنجي ٻارن ٻچن، پنهنجي سس سميت مرڻ گهڙي تائين علامتي بک هڙتال ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.