گمشدگيون رياست ۾ رياست قائم ڪرڻ آهي:رسول بخش خاصخيلي

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو ۽ ساجد حسين مهيسر پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته آئين ۽ قانون جي لتاڙ ڪندي ماڻهن کي زوري کنڀي گم ڪرڻ رياست اندر رياست قائم ڪرڻ برابر آهي. ملڪي آئين ۽ قانون ملڪ جي هر شهري کي تحفظ فراهم ڪري ٿو. جيڪڏهن ڪنهن فرد تي ڪو ڪيس آهي ته ان کي گرفتار ڪري عدالت جي حوالي ڪيو وڃي. عدالتن کي آئيني ۽ قانون اختيار آهن ته هو ڪنهن کي سزا ڏئي ٿي يا نٿي ڏئي. آئين ۽ قانون جي انحرافي ڪندي کنڀڻ، نياڻين کي اغوا ڪري گم ڪري ڇڏڻ وارو عمل انتهائي ڀيانڪ آهي. اهڙو غير قانوني ڪم ڪندڙ ڪنهن به صورت ۾ ملڪ ۽ عوام جا سڄڻ نٿا ٿي سگهن. ملڪ دشمن قوتون اهڙا هٿڪنڊا استعمال ڪري چاهين ٿيون ته ملڪ ۾ افراتفري ۽ پيدا ٿئي.عوام جي پرامن جمهوري جدوجهد کي نقصان پهچائجي. امن واري صورتحال کي خراب ڪجي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، چيف جسٽس سنڌ هائي ڪورٽ ملڪ دشمن قوتن جي سازشن جو نوٽيس وٺن.کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ اهڙي ملڪ دشمن عمل ۾ ملوث قوتن کي عوام آڏو پڌرو ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.