ماحوليات بابت روڊ ميپ شيئر نه ڪرڻ تي سنڌ جو وفاق سان احتجاج

ڪراچي(رپورٽر )ماحوليات بابت دستاويز ۽ روڊ ميپ شيئر نه ڪرڻ تي سنڌ حڪومت وفاق کي احتجاجي خط لکي ڇڏيو. ماحوليات واري صوبائي وزير اسماعيل راهو وزيراعظم جي ماحوليات بابت خاص معاون امين اسلم کي خط لکندي چيو آھي ته يونائيٽيڊنيشن ڪنوينشن ڪلائمنٽ چينج ۾ وزيراعظم دستاويز ۽ روڊ ميپ پيش ڪندو، جيڪي سنڌ سان شيئر ناهن ڪيا ويا. اسماعيل راهو وڌيڪ چيو ته نه وري ڪانفرنس بابت صوبن کان تجويزون ورتيون ويون آهن، ماحوليات وفاق جو نه پر صوبن جو سبجيڪٽ آهي، سنڌ ۾ سامونڊي دخل اندازي، ڪٽائو، پاڻي جي کوٽ، موسم جي تبديلي سبب متاثر هجرت، پاڻي جو معيار، فصلن جي گهٽ پيدوار سميت ٻين بيمارين جي پکيڙ شامل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.