مستونگ ۾ فورسز جي ڪارروائي، 9 ڄڻا مارجي ويا

حب(ن ع آ) بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 9 مبينه دهشتگرد مارجي ويا، هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو، سي ٽي ڊي ترجمان مطابق ڪارروائي مستونگ جي علائقي روشي ۾ سيڪيورٽي ادارن جي ڳجهي اطلاع تي ڪئي وئي، آپريشن دوران ڪئمپ ۾ موجود دهشتگردن پاران فائرنگ به ڪئي وئي، فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 9 مبينه دهشتگرد مارجي ويا، ترجمان مطابق ڪالعدم تنظيم جي استعمال هيٺ ڪئمپ مان هٿيار ۽ بارود مليو جنهن ۾ 9 ڪلاشنڪوف، 20 ڪلوگرام ڌماڪيدار مواد، پرائماڪارڊ، ڊيٽونيٽر ۽ آرپي جي راڪيٽ گولي سان گڏ شامل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.