بدلجندڙ موسم ۾ چمڙي جو خيال ڪرڻ ۽ خوبصورتي جا طريقا

موسمي تبديلين سان گڏوگڏ جتي اسان جي اٿڻ ويهڻ، پهرڻ، کائڻ پيئڻ ۽ جاڳڻ اٿڻ جا انداز به مٽجي ويندا آهن، اتي اسان جي چمڙي تي به موسم جون تبديليون سڌيءَ ريت اثر انداز ٿينديون آهن.

ڪجهه ٽوٽڪن تي عمل ڪري توهان پنهنجي چمڙي کي مٽجندڙ موسم جي اثرن کان محفوظ رکي سگهو ٿا.

ڪنوار ٻوٽي هر قسم جي موسم جي لاءِ برابر فائديمند آهي.

جيئن ئي موسم تبديل ٿيڻ شروع ٿين ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو ڪنوار ٻوٽي چهري تي ضرور لڳايو.

اهو نه رڳو چمڙي کي ٿڌاڻ ڏيندو پر هر موسم جي سختي واري اثرن کان به محفوظ رکندو.

موسم جي تبديلي سان گڏوگڏ خشڪ هوا ۽ ڌوڙ مِٽي چمڙي کي وڌيڪ بي جان ڪري ڇڏينديون آهن، چمڙي جي صفائي ۽ چمڪ پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪيميڪل اسڪرب چمڙي کي وڌيڪ خشڪ ڪري سگهن ٿا.

انڪري پنهنجي گهر ۾ ئي پنهنجي چمڙي جي لاءِ مناسب اسڪرب تيار ڪيو، بيسڻ جو اٽو، ماکي ۽ ليمي جي رس جو ماسڪ هر موسم ۽ چر چمڙي لاءِ رونق بخش ثابت ٿيندو آهي.

انکانسواءِ ٻاف ڏيڻ سان به چمڙي جا داغ ختم ٿي ويندا آهن.

هونئن ته اينٽي آڪسيڊنٽ ڊرنڪس جو استعمال هر موسم ۾ ڪرڻ گهرجي پر خاص ڪري جڏهن موسم تبديل ٿيڻ شروع ٿئي ته اينٽي آڪسيڊنٽس ڊرنڪس جو استعمال ضرور ڪرڻ گهرجي.

صبح جو هڪ ڪوپ گرم پاڻي ۾ اڌ ليمي جو رس وجهي پيئڻ سان چمڙي کي نئين تازگي ملندي آهي.

ان سان گڏ اينٽي آڪسيڊنٽ ڪريم (وٽامن سي سيرم يا وٽامن اي ڪريم) جي استعمال سان به چمڙي کي حفاظتي تهه ملندو آهي ۽ موسم جا اثر چمڙي کي متاثر ناهن ڪندا.

باڊي لوشن يا ڪريم ۾ وٽامن اِي جا ڪجهه ڪيپسول وجهڻ سان چمڙي نرم رهندي آهي ۽ بدلجندڙ موسم جي اثرن کان چمڙي کي بچائڻ جي لاءِ ڊيپ نرشنگ ڪريم جو روزاني استعمال ڪرڻ گهرجي.

جنهن مقصدن لاءِ گلسرين کي به استعمال ڪري سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.