اسلام آباد کي هر صورت ۾ مظاهرين کان محفوظ رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پابندي مڙهيل تنظيم جي احتجاجي مارچ جي صورت ۾ گادي واري هنڌ کي هر صورت ۾ محفوظ رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

ذريعن موجب اسلام آباد ۾ امڪاني احتجاج سان منهن ڏيڻ جي لاءِ گهرو وزارت هنگائي قدم ڪيا آهن جن تحت اسلام آباد کي احتجاج ڪندڙن کان محفوظ رکڻ لاءِ ٻين صوبن کان به ڳري نفري گهرائي وئي آهي.

ذريعن چيو ته گهرو وزارت پنجاب،آزاد ڪشمير ۽ ڪي پي کان پوليس جا 30 هزار جوانن جي گهر ڪئي آهي جڏهن ته نفري کي ڏڦيڙن واري حالتن سان منهن ڏيڻ لاءِ سامان به گڏ کڻي اچڻ جي هدايت ڪئي آهي.

گهرو وزارت نفري کي اسلام آباد پهچائڻ لاءِ ٽنهي سيڪريٽرين کي خط موڪلي ڇڏيا آهن.

واضح رهي ته لاهور، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم طرفان احتجاج ڪيو پيو وڃي جنهن جي ڪري ٽنهي شهرن جا ڪيترائي رستا بند ڪيا ويا آهن جڏهن ته لاهور جي ڪيترن ئي علائقن ۾ انٽرنيٽ سروس به معطل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.