ڏوڪري جا مسئلا حل نه ٿيا، رهواسين جو احتجاج

ڏوڪري ( رپورٽ: قاضي آفتاب ) ڏوڪري ۾ منشيات جي خاتمي لاءِ چئمبر آف ڪامرس جي سڏ تي شيعا علماءِ ڪائونسل، اصلاح الفقراءِ الحسيني، جمعيت علماءِ اسلام، سني تحريڪ، جسقم ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن عبدالحميد جيسر، ڊاڪٽر غلام علي عاملي، حافظ شوڪت علي جتوئي، مظهر گلال، حافظ محمد عثمان جهتيال، معشوق علي جتوئي، جاويد ڪولاچي، عبدالغني ابڙو، قاضي زيب علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بااثر پاران شراب خانو کولي نوجوان نسل تباھ ڪري رهيو آهي، 15 سالن جا جوان شراب واپرائي رهيا آهن. هنن چيو ته شهر ۾ منشيات جو وڪرو عام جام ٿي رهيو آهي جنهن سبب نوجوان نسل شراب، هيروئين، ڀنگ، آفيم، چرس واپرائي رهيا آهن جنهن سبب ڪيترائي گهر اجڙي ويا آهن. هنن چيو ته شهر ۾ قبضامافيا سرڪاري ملڪيت سميت خانگي ملڪيتن تي قبضا ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته شهر ۾ صفائي سٿرائي جو نظام بهتر نه هجڻ سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي. هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بنا دير ڏوڪري شهر جا مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.