اين آءِ سي وي ڊي جا 3 ملازم رشوت وٺڻ جي الزام ۾معطل

ڪراچي (پ ر) اين آءِ سي وي ڊي مريضن کان رشوت وٺڻ ۾ ملوث 3 ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو، ترجمان موجب هڪ نجي ٽي وي جي نشاندهي تي مريضن کان رشوت وٺندڙن ٽنهي ملازمن کي پهرين آڪٽوبر کان معطل ڪيو ويو آهي، ملازمن جي معطلي کانپوءِ معاملي جي وڌيڪ انڪوائري لاءِ هڪ 7 رڪني ڪميٽي تشڪيل ڏني وئي هئي ۽  قانوني گهرج کانپوءِ کين برطرف ڪيو ويو آهي ۽ اهڙن واقعن کي روڪڻ  لاءِ هڪ نئون سسٽم متعارف ڪرايو ويو آهي، ترجمان موجب اين آءِ سي وي ڊي ۾ سڄي  ملڪ مان مريض اچن ٿا جن کي بنا فرق جي مفت علاج مهيا ڪيو ويندو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.