ڪنڌڪوٽ جي بھادر ۽ بي باڪ شھيد صحافي شاھد سومرو جي19هين ورسي

ڪنڌڪوٽ جي بھادر۽ بي باڪ شھيد صحافي شاھد سومرو جي19هين  ورسي ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب ۾ انتھائي عقيدت سان ملھائي وئي جنھن۾وڏي تعداد ۾صحافين ۽مختلف مڪتبه  فڪر جي ماڻھن اڳواڻن ڀرپور شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي  آل پاڪستان سومرا ايسوسئيشن جي مرڪزي اڳواڻ محبوب علي سومرو چيوته شھيدصحافي ھميشه حق سچ جي واٽ تي ھلندي مظلومن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پھچايو، ھن چيوته قبيلائي ريتن رسمن۽فرسوده نظام خلاف اخبارن ۾ لکي جاگيرداري سسٽم کي لوڏيوآھي ، ھن چيوته ميڊيا جي مضبوط آواز سبب معاشري۾ تبديلي اچي رھي آھي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي ضلعي صدر محمدحنيف ڊومڪي چيوته ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب ھميشه مسڪينن سان نڀايوآھي۽شھيد شاھدسومرو بغير ڪنھن فرق جي عوام جي  آواز کي اقتداري ڌرين تائين پھچايو، ان موقعي تي لاڙڪاڻه يونين آف جرنلسٽس جي ڊويزنل صدر سرڪش سڌايو ،پرويز ابڙو، لياقت علي کوسو، مسعودعالم سومرو.عرض بنگلاڻي.نماڻونوناري  ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته شھيد شاھدسومرو ڪنڌڪوٽ جي صحافين جو ڳاٽ اوچو ڪيو۽ هو  ڪڏھن به مصلحتن جو شڪار نه ٿيو۽ھميشه لاء امر ٿي ويو.ورسي تقريب کان پوء شھيد شاھدسومرو جي قبرتي گل نڇاور ڪري قل خواني ڪري درجات جي بلندي لاء دعا گھري وئي،۽ لنگر ورهايو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.