کهڙا: ٽائون آفيسر پاران اوچتو شھر جو دورو، صفائي جو جائزو ورتو

ٽائون ڪاميٽي کهڙا جي ٽائون آفيسر عبدالحفيظ سولنگي اوچتو شھر جو دورو ڪري صفائي سٿرائي جو جائزو ورتو، ان  موقعي تي ٽائون آفيسر عبدالحفيظ سولنگي صفائي واري عملي کي سختي سان هدايتون جاري ڪندي چيوته ڪٿي به گند ڪچرو نظر نه اچڻ گهرجي، فرض ۾ ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. عبدالحفيظ سولنگي ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته شھر ۾ صفائي سٿرائي جو نظام بهتر بڻايو ويو آھي.  ٻارنهن ربيع الاول جي حوالي سان شھر ۾ سرچ لائيٽون ۽ سيور لڳا ويا آھن ان موقعي تي عبدالحڪيم شر. گلزار احمد سولنگي. زوهيب منگي ۽ ٻيا ٽائون ملازم ساڻس گڏ ھئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.