ٿرڪول منصوبن بابت جاچ، 2 ڪمپنيون ڪروڙين رپين جي چوري ۾ ملوث

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪسٽمز انٽيليجنس ڪراچي جي ٿرڪول منصوبي ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين خلاف جاچ شروع ڪئي وئي.

ٿرڪول منصوبي ۾ ڪام ڪندڙ2 ڪمپنين جي ڪروڙين رپيا ٽيڪس ۽ ڪسٽم ڊيوٽي چوري پڪڙي وئي.

اهڙي انڪشاف تي ڊاريڪٽر ڪسٽمز انٽيلي جنس ڪراچي خليل يوسفاڻي ۽ ڊپٽي ڊاريڪٽر توصيف گورچاڻي جي سربراهي ۾ جاچ ٽيم تشڪيل ڏني وئي.

ڪسٽمز انٽيلي جنس رپورٽ ۾ چيو ويو آهي اينگرو ڪول مائننگ جي 21 ڪروڙ 9 لک رپين کان مٿي ٽيڪس ۽ ڪسٽم ڊيوٽي چوري پڪتي وئي آهي.

رپورٽ ۾ چيوويو آهي سائنو سنڌ ريسورسز پرائيويٽ لميٽڊ جي 5 ڪروڙ 69 لک رپين کان مٿي ٽيڪس ۽ ڪسٽمز ڊيوٽي چوري ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

ڪسٽمز انٽيلي جنس موجب ٻنهي ڪمپنين ٿرڪول منصوبي جي لاءِ مشينري ۽ وڏي انگ ۾ ٽائر گهرائي ٽيڪس چوري ڪئي.

اختيارين جو چوڻ هو ته ٽيم جيئن ئي جاچ شروع ڪئي ته اينگرو ڪو ۽ سائنو سنڌ ريسورسز جي ڪروڙين رپين جي چوري پڪڙي وئي.

اهڙي رپورٽ ڊاريڪٽر ڪسٽمز انٽيلي جنس ڪراچي خليل احمد يوسفاني رپورٽ ڊي جي ڪسٽمز انٽيلي جنس اسلام آباد هيڊڪوارٽر کي موڪلي ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.