سعودي عرب ۽ عراق مان ايندڙ مسافر ڪراچي پهچندي ئي اسپتال منتقل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۽ ايران مان ايندڙ 19 مسافرن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

سعودي عرب جي شهر جدي مان سعودي ايئر لائن ذريعي ڪراچي پهچندڙ مسافرن مان 18 ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي.

ائين عراق مان ايندڙ اڏام ۾ سوار هڪ مسافر جي ڪورونا ٽيسٽ جو نتيجو پڻ هاڪاري آيو.

ايئرپورٽ اختيارين موجب عراق ۽ سعودي عرب مان ايندڙ مسافرن مان مجموعي طور 19 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي.

صحت کاتي ٻڌايو ته ڪورونا متاثر مسافرن کي سڌو سنڌ گورنمينٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي هڪ هفتي کانپوءِ انهن جي ٻيهر ٽيسٽ ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.