آءِ ايم ايف سان رابطي سبب رپئي جو قدر ڪِريو: شوڪت ترين

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان رابطو ڪرڻ سبب رپئي جو قدر ڪِريو.

واشنگٽن ۾ آمريڪا جي امن بابت اداري سان ڳالهائيندي شوڪت ترين چيو ته 60 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي معيشت ايشيا جي چوٿين وڏي معيشت هئي، وقت سان گڏ معيشت رخ مٽائي ڇڏيو، اسان ملڪي معيشت سان انصاف ناهي ڪيو.

وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان کي خراب حالت ۾ معيشت ورثي ۾ ملي، اسان جا قرض غير مستحڪم سطح تي پهچي ويا هئا، اسان کي معيشت جو رخ درست ڪرڻ لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا، آءِ ايم ايف سان رابطو ڪرڻو پيو ۽ ڪرنسي جو قدر ڪِري پيو.

هن چيو ته ڪورونا وبا عالمي معيشت کي متاثر ڪيو پر اسان جي حڪومت اثرائتي انداز ۾ وبا جو مقابلو ڪيو، معاشي اوسر جي شرح کي ڪاٽو 0.5 سيڪڙو کان 4.5 سيڪڙو تي آندوسين، اسان زراعت، امپورٽ ۽ هائوسنگ ۾ سڌارا ڪيا آهن، اسان ان 5 سيڪڙو جي اوسر شرح سان ترقي ڪنداسين ۽ مستحق طبقي کي ترقي جا ثمر پهچائينداسين.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان گوادر ۾ عالمي سيڙپڪاري جي ڀليڪار ڪري ٿو، اسان جٽادار بنيادن تي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ڪامياب پاڪستان پروگرام ذريعي 40 لک گھرن کي سستو قرض ڏنو ويندو، آءِ ايم ايف سان قرض جي ڇهين قسط منهنجي دوري جو سڀ کان اهم جُز آهي، آءِ ايم ايف سان ٽيڪنيڪل ليول  ڳالهيون مڪمل ڪري ورتيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.