نورا فتحي به وڏي جاچ جي زمري ۾ اچي وئي

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ناليواري ڀارتي اداڪارا ۽ ماڊل نورا فتحي کي 200 ڪروڙ رپين جي فراڊ ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ طلب ڪيو ويو آهي.

ڀارتي نيوز ايجنسي موجب اداڪارا کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ جي جاچ اختيارين طلب ڪيو آهي جنهن کانپوءِ نورا کي (اي ڊي) آفيس جي ٻاهران ڏٺو ويو.

ڀارتي نيوز ايجنسي موجب اداڪارا اڄ صبح سڪيش چندرا شيکر فراڊ ڪيس جي سلسلي ۾ جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ (اي ڊي) جي آفيس آئي.

 

ٻئي پاسي اداڪارا جيڪولين فرنينڊس کي به اي ڊي ان ئي ڪيس جي سلسلي ۾ جاچ جي لاءِ طلب ڪيو جيڪا ان کان اڳ به جاچ جو حصو رهي چڪي آهي.

ياد رهي ته سڪيش چندرا شيکر 200 ڪروڙ جي فراڊ ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نامزد جوابدار آهي، اداڪارا جيڪولين فرنينڊس ان شخص جي ويجهي دوست ۽ پارٽنر لينا پال جي ذريعي شامل ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.