ريئل مي جو سستو فليگ شپ فون ”جي ٽي نيو 2“ متعارف

ريئل مي پنهنجو نئون فليگ شپ جي ٽي نيو 2 چين کان ٻاهر وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي.

ان فون کي سيپٽمبر ۾ چين ۾ متعارف ڪرايو ويو هو ۽ هاڻ ٻين ملڪن ۾ پيش ڪرڻ جو سلسلو ڀارت کان شروع ٿيو آهي.

اورجنل جي ٽي نيو ۾ سنيپ ڊراگون 888 پراسيسر ڏنو ويو هو پر جي ٽي نيو 2 ۾ سنيپ ڊراگون 870 پراسيسر موجود آهي جيڪو ڪوالڪوم لاءِ 865 پلس کان وڌيڪ بهتر ورجن آهي.

ڪمپني موجب جي ٽي نيو 2 ۾ نئون ويپر ڪولنگ سسٽم ڏنو ويو آهي جيڪو 30 سيڪڙو وڌيڪ وڏو ۽ 20 سيڪڙو وڌيڪ بهتر آهي.

فوٹو بشکریہ رئیل می

فون ۾ 5 جي سپورٽ به موجود آهي جڏهن ته 6.62 انچن جي ڊسپلي 120 هرٽز ريفريش ريٽ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي.

ان فون جي بيٽري جي ٽي نيو جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وڏي آهي جيڪا 5000 ايم اي ايڇ جي آهي جنهن سان گڏ 65 واٽ سپر ڊارٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ ڏني وئي آهي.

ريئل ۾ جي دعويٰ آهي ته زيرو کان 100 سيڪڙو بيٽري 36 منٽن ۾ چارج ٿي سگھي ٿي پر ان ۾ وائرليس چارجنگ جو آپشن موجود نه آهي.

اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم کي ريئل مي يو آءِ 2.0 سان ليس ڪيو ويو آحي جڏهن ته فرنٽ تي پنچ هول ڊزائين ۾ 16 ميگا پڪسل ڪيمرا ڏني وئي آهي.

فوٹو بشکریہ رئیل می

ريئل مي جي ٽي نيو 2 ۾ 8 کان 12 جي بي ريم ۽ 128 کان 256 جي بي اسٽوريج جا آپشن ڏنا ويا آهن.

جي ٽِ نيو 2 جي بيڪ تي 3 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي جنهن جي مين ڪيمرا 64 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 8 ميگا پڪسل الٽراوائيڊ ۽ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ڪيمرا موجود آهي.

ان فون جو 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي وارو ماڊل 425 ڊالرن (72 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) جڏهن ته 12 جي بي ريم ۽ 256 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 475 ڊالر (81 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ دستياب هوندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.