آريان خان سان پينو ٻارڙي سان رويي جي وڊيو وائرل

ممبئي(ويب ڊيسڪ) شاهه رخ خان جي پُٽ آريان خان جي پينو ٻارڙي سان رويي جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.

سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي آريان خان جي اها وڊيو شيئر ڪئي وئي.

وڊيو ۾ آريان خان کي ٻين شوبز شخصيتن سان گڏ ممبئي جي هڪ ريسٽورينٽ مان ٻاهر نڪرندي ڏسي سگهجي ٿو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Viral Bhayani (@viralbhayani)

ان دوران آريان خان پنهنجي گاڏي ۾ ويهڻ جي لاءِ اچي ٿو ته هڪ پينو ٻارڙو وٽس اچي پئسا گهرڻ جي لاءِ سوال ڪري ٿو جنهن تي آريان خان انکي پيسا ڏئي گاڏي ۾ويهي رهي ٿو.

آريان خان جي اها وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي ۽ مداح ان جي رويي کي ڏاڍو پسند ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.