ايون فيلڊ ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ، احتساب عدالت، نيب ۽ جي آءِ ٽي غلطي ڪئي:عرفان قادر

اسلام آباد( م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا خلاف مريم نواز جي درخواست تي ٻڌڻي دوران مريم نواز جي وڪيل عرفان  قادر چيو آهي ته  ايون فيلڊ ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ، احتساب عدالت، نيب ۽ جي آءِ ٽي غلطي ڪئي. هن دليل ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي جوڙڻ نيب جو ڪم آهي پر سپريم ڪورٽ اهي اختيار استعمال ڪندي ٽيم جوڙي. اڳوڻي اٽارني جنرل چيو ته ضابطي تي عمل ئي ناهي ٿيو ته احتساب عدالت جي دائري ۾ ڪيس ٻڌڻ اچي ئي نه ٿو. ان دوران جسٽس عامر فاروق چيو ته ايون فيلڊ اپارٽمينٽ نواز شريف جي نالي نه پر آف شور ڪمپنين نالي آهي. عدالت جي پڇاڻي تي نيب پراسيڪيوٽر جنرل مظفر عباسي چيو ته ايون فيلڊ جا چارئي فليٽ نيلسن ۽ نيسڪول نالي آف شور ڪمپنين نالي آهن. هن چيو ته برطانيا مان جواب آيو ته مريم نواز بينيفيشل ( فائدو وٺندڙ) مالڪ آهي. عرفان قادر چيو ته سفيد پوش ڏوهه ۾ جوابدار کي جيل موڪلڻ جي ضرورت ناهي پر نيب سندس اصيل مريم نواز کي جيل موڪلڻ چاهي ٿو. جنهن تي جسٽس عامر فاروق چيو ته نيب وارا هر جوابدار کي پڪڙي وٺن ٿا، پوءِ ڀلي ان خلاف ثبوت هجن يا نه هجن. هاڻ ته نيب وارا ٿاڻي وانگر هلي رهيا آهن. نيب ايندڙ ٻڌڻي تي نيب وڪيل کان دليل گهري ورتا آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.