ڪمند اگهه 300، ڪريشنگ جلد شروع ڪرڻ جي گهر، 8 ارب جي سبسڊي مان سنڌ جا آبادگار محروم آهن: آبادگار اتحاد

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي آبادگارن گهر ڪئي آهي ته ڪمند جو في مڻ 300 روپيا مقرر ڪري جلد ئي ڪمند جي ڪريشنگ جي تاريخ پڌري ڪئي وڃي، سارين جي نقلي ٻجن ۽ ڀاڻ جو وڪرو ڪندڙن خلاف سخت  ڪارروائي ڪري درياهه، ڪينالن، واهن ۽ شاخن ۾ شهرن جي ڊرينيج جي پاڻي جو ڇوڙ فوري طور بند ڪيو وڃي، ڪڻڪ جي فصل ۽ ڀاڻ تي سبسڊي جي حڪمت عملي جوڙي وڃي. سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير ٽالپر جي جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي حڪومت پاران ڪڻڪ، ڪپهه سميت زرعي مشينري ۽ ڀاڻ دوائن تي 8 ارب روپين جي ڏنل سبسڊي کي سنڌ جي هارين ۽ آبادگارن کان محروم رکڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ويو ته ٽن صوبن جي زرعي پيشا ماڻهن کي اهڙي سبسڊي جو فائدو مليو، پر سنڌ ۾ سبسڊي ڪاغذن تائين محدود رهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت 23 سيپٽمبر جي ڪابينا اجلاس ۾ ڪپهه جي فصل تي سبسڊي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، پر ڪپهه جو فصل ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي، اهڙي سبسڊي هاڻ ڪڻڪ جي فصل ۽ ڀاڻ تي ڏني وڃي. بيان ۾ چيو ويو ته آڪٽوبر مهينو ڪمند جي ڪريشنگ سيزن جو هئڻ باوجود سنڌ ۾ نه ڪمند جو اگهه طئي ٿي سگهيو آهي ته نه ئي وري ڪريشنگ ڪرڻ جي تاريخ پڌري ڪئي وئي آهي، ڪمند جي ڪٽائي شروع نه ٿيڻ سبب ڪڻڪ جي پوکي متاثر ٿي رهي آهي. بيان ۾ آبادگار اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ 30 سيڪڙو ڪارخانن تي ٻجن ۽ ڀاڻ ۾ ملاوٽ ڪري نقلي ٻج ۽ ڀاڻ وڪرو ڪيا پيا وڃن. لاڳاپيل کاتو نقلي ٻجن ۽ ڀاڻ وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.