طالبان حڪومت جو غير ذميوار رويو، پي آءِ اي وڏو قدم کڻي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) طالبان حڪومت ۽ افغان سول ايوي ايشن جي غير پيشيوراڻي رويي سبب پي آءِ اي انتظاميا افغانستان لاءِ فلائٽ آپريشن بند ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب افغان طالبان اختيارين طرفان پي آءِ اي فلائٽ آپريشن ۾ مداخلت ۽ افغان سول ايوي ايشن جي عدم سهڪار سبب معاملو اعليٰ سطح تي اٿارڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان معاملي تي قومي ايئر لائن جو افغانستان لاءِ فلائٽ آپريشن معطل ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته افغانستان لاءِ جاري فلائٽ آپريشن معطلي جو فيصلو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب افغان سول ايوي ايشن ۽ طالبان حڪومت جو رويو غير پيشيوراڻو آهي، عدم سهڪار سبب پي آءِ اي کي افغانستان لاءِ فلائٽ آپريشن جاري رکڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.