ڪويت ۾ عورتن تان وڏي پابندي ختم

ڪويت سِٽي(ويب ڊيسڪ) ڪويت حڪومت ۾ عورتن کي سرڪاري ادارن توڙي مختلف خانگي ادارن ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت ته مليل آهي پر تنهن هوندي به هن وقت تائين انهن کي فوج ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت نه هئي جيڪا هاڻي کين ملي وئي آهي.

ڪويت جي دفاع واري وزير حماد جابرال علي جو چوڻ آهي ته ڪويتي عورتن جي لاءِ فوج ۾ ڪم ڪرڻ جا دروازا کوليا ويا آهن.

هن جو چوڻ هو ته وقت اچي ويو آهي ته ڪويتي عورتون پنهنجي ڀائرن سان گڏجي فوج ۾ ڪم ڪن.

اهڙي اجازت کانپوءِ عورتون ٻين شعبن سميت عسڪري عهدن تي به ڪم ڪري سگهنديون.

ياد رهي ته ڪويت پوليس ۾ عورتون 2001 کان وٺي ڪم ڪري رهيون آهن جڏهن ته وڏي عرصي کان ڪابينا ۽ پارليامينٽ ۾ به عورتون شامل ٿينديون رهنديون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.