ڪرڪ مندر حملو ڪيس: جوابدارن کان رقم وصول ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪرڪ مندر حملي جي ڪيس ۾ هڪ مهيني ۾ حملي ۾ ملوث جوابدارن کان رقم وصول ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ چيف سيڪيٽري خيبرپختونخواهه کي رقم وصول ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته هڪ مهيني ۾ 3 ڪروڙ 30 لک رپين کان وڌيڪ رقم هر جوابدار ۾ برابر ورڇ ڪري وصول ڪيو.

خيبرپختونخواهه حڪومت ڪيس ۾ جوابدارن کان رقم وصول ڪرڻ تي اعتراض اٿاريو. ايڊووڪيٽ جنرل خيبرپختونخواهه جو چوڻ هو ته اڃا جوابدارن خلاف ٽرائل هلي رهيو آهي. ٽرائل کان پوءِ ڪو بيگناهه نڪتو ته وصول ڪيل رقم جو ڇا ٿيندو؟

چيف جسٽس گلزار احمد ايڊووڪيٽ جنرل خيبرپختونخواهه کي مخاطلب ڪندي چيو ته سوچي سمجهي ڳالهايو اهو عدالتي حڪم آهي.

رميش ڪمار عدالت کي ٻڌايو ته مندر جو رستو بند ڪيو ويو آهي، چيو پيو وڃي ته مقامي عالمن سان ڳالهايو.

چيف جسٽس چيو ته عالم ايندا ته انهن کي به ڏسي وٺنداسين. اقليتي برادري جيتري چاهي عبادت گاهه کي وڌائي سگھي ٿي. ماڻهو زمين ڏين ۽ هندو برادري سڄي ڪرڪ ۾ مندر ٺاهڻ چاهي ته ٺاهي سگھي ٿي.

هنن ريمارڪس ۾ چيو آهي ته هندو برادري مقامي ماڻهن سان گڏ معاهدو ڪيو پوءِ جوابدارن جي ضمانت ٿي وئي. جڏهن جوابدارن تي 3 ڪروڙ 30 لک رپين جي برابر روڇ ٿيندي ته سڀني جو دماغ ٺڪاڻي اچي ويندو.

عدالت رقم جي وصولي لاءِ هڪ مهيني جو وقت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ متلوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪرڪر جي تعلقي بانڊا شاهه جي علائقي ٽيري ۾ مڇريل مظاهرين هندن جي مقدس جاءِ ۾ هڪ سماڌيءَ جي توسيع خلاف مڇرجي مندر جي توسيع کي روڪي ڇڏيو هو. ان موقعي تي مظاهرين مند ۾ ڀڃ ڊاهه به ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.