ڊالر 170 رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي ( رپورٽر ) حڪومت طرفان سمورن قدمن باوجود رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي. حڪومتي پاليسين باوجود ڪرنسي مارڪيٽ ۾ رپئي جي قدر ۾ مسلسل گهٽتائي ڏٺي پئي وڃي ۽ اڱاري ڏينهن آمريڪي  ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جو قدر ملڪي تاريخ جي نئين گهٽ ترين سطح تي پهچي ويو. اڱاري ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ 40 پئسا واڌ ڏٺي وئي ۽ هڪ آمريڪي ڊالر 170 رپين جي بلند ترين سطح تي ڏٺو ويو. هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي هڪ وقت ۾ خريد جي قيمت 171 رپيا 50 پئسا، جڏهن ته وڪري جي قيمت 172 رپيا 20 پئسا به ڏٺي وئي. معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ واڌ سبب ڊالر جي قيمت ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي، ڊالر جي قيمت وڌڻ سان درآمدي شيون وڌيڪ مهانگيون ٿي وينديون، جنهن سان مهانگائيءَ جو طوفان ايندو. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسٽيٽ بئنڪ درآمد ٿيل گاڏين لاءِ بئنڪن طرفان فراهم ڪيل قرضن تي پابندي لاڳو ڪري چڪي آهي، گاڏين تي قرض جو وڌ کان وڌ مدو 7 مان 5 سال ڪيو ويو آهي ۽ گاڏي لاءِ ڏني ويندڙ قرض لاءِ ڊائون پيمينٽ 15 سيڪڙو مان وڌائي 30 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.