سکر لڳ گهران نڪرڻ بعد نوجوان کنڀجي ويو، وارثن جو احتجاج

سکر(رپورٽر) سکر بس اسٽاپ ويجهو ڀٽائي ٽائون شپ واسي نوجوان غلام ياسين بجاراڻي پٽ غلام خان ويھ سيپٽمبر تي صبح جو گهران  نڪرڻ بعد کنڀجي ويو آهي جڏهن ته نوجوان جي موٽرسائيڪل مهراڻ هوٽل وٽان هٿ آئي ،وارثن پاران پوليس کي اطلاع باوجود پوليس ڪابه مدد نه پئي ڪري، نوجوان جي کنڀجڻ ۽ گم ٿيڻ خلاف وارثن وزير خان،، فرمان علي، ابراهيم، گل خاتون والده ۽ ٻين پاران سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو ته نوجوان ويھه سيپٽمبر تي صبح جو موٽرسائيڪل تي گهران نڪتو جنهن جي موٽرسائيڪل مهراڻ هوٽل وٽ بيٺل ملي پر نوجوان مسلسل ڳولا باوجود گم آهي کين خدشو آهي ته نوجوان کي کنڀيو ۽ اغوا ڪيو ويو آهي پوليس حد جي آباد سميت ايس ايس پي سميت سڀني وٽ دانهڻ باوجود ڪوبه ڏس پتو ناهي هنن وسوارن کان مطالبو ڪيو ته فوري تي نوجوان غلام ياسين بجاراڻي کي بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.