گهاري ۾جماعت اسلامي جو مهانگائي خلاف احتجاج

گهارو (ن ع آ) جماعت اسلامي گهارو پاران ملڪ ۾ مهانگائي خلاف احتجاج.تبديلي سرڪار عوام تي مهانگائي  جو باروجهي غريب  مسڪين ماڻھن جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي، روزمره جي استعمال جي شين جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي غريبن کان ٻن وقتن جي ماني به کسي ورتي آھي. ملڪ کي مهانگائي سميت سمورن بحرانن مان صرف جماعت اسلامي ئي ڪڍي سگهي ٿي. جماعت اسلامي گهارو پاران ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف مولانا سميع هاليپوٽو.مفتي عبرالرحمان پٺاڻ.احمدراجپوت.نورمحمد ڪوريجو.رمضان ناهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايڌي سينٽر کان پريس ڪلب گهارو ٿائين احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ويئي، انهيء موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته تبديلي سرڪار مهانگائي جو بار وجهي عوام جو جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيو آھي.ماڻھو ٻن وقتن جي ڳڀي لاءِ پريشان آھن ۽ حڪمران صرف بيان بازين ۽ ٻٽاڪن تائين محدود آھن.عمران خان ۽ سندس ڪابينا جي ناقص پاليسين سبب پيٽرول سميت اٽو.گيھ کنڊ ۽ چانورن سميت عام استعمال جي سمورين شين جا اگھ آسمان تائین پهچي وياآھن جنهن سبب عوام پريشاني جو شڪارآھي. ملڪ جو غريب عوام وڌيڪ پريشاني جو شڪار ٿي ويو آھي.ا ڳواڻن وڌيڪ چيو ته ملڪ کي مهانگائي سميت ٻين بحرانن مان ڪڍڻ جوحل صرف جماعت اسلامي وٽ آھي مهانگائي تي ڪنٽرول نه ڪندڙ عمران خان کي استعيفا ڏيئي گهر ڀيڙو ٿيڻ گهرجي.انهيءَ موقعي تي مظاهرين مهانگائي نامنظور ۽ گونيازي گوجانعرا پڻ هنيا.

سڪرنڊ ۾ آبادگارن جو اجلاس، رهتون نه ڏيڻ تي ڪراچي ۾ ڌرڻي جو اعلان

سڪرنڊ (ن ع آ) سنڌ گروورس آرگنائيزيشن جى CEC جو اجلاس چيئرمين رضا چانڊيو جي صدارت ۾ ھيڊ آفيس سڪرنڊ ۾ ٿي گذريو ، اجلاس ۾ تنظيم جى وائيس چيئرمين حاجي محمد اسحاق چانڊيو، محمد وارث ڏاھري، محمد ابراھيم ڏاھري، عطاالله انڙ، شمشاد ملاح ۽ ٻين ميمبرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ، اجلاس ۾ رضا چانڊيو ڳالھائيندي چيو ته اسان جي مسلسل احتجاج ڪرڻ باوجود شگرملز مالڪان آبادگارن کي پنھنجي رقم ادا ڪرڻ جي لاء تيار ناھن جڏھن ته سپريم ڪورٽ ۽ ھاءِ ڪورٽ جي ڏنل فيصلن کي پڻ ٻه سال جو عرصو گذري چڪو آھي. ھن چيو ته اسان ھر ھڪ شگرمل تي احتجاجي ڌرڻا ڏينداسين ، اجلاس ۾ گڏيل راء سان فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ 30 سيپٽمبر خميس جي ڏينھن النور شگرمل جي ھيڊ آفيس ڪراچي تي احتجاجي ڌرڻو ڏنو ويندو.

لاڙڪاڻي ۾ مبينا پوليس مقابلو، نوجوان هاف فراءِ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي ٻڌايو ته تعلقي ٿاڻي جي پوليس حد جي  انڊس هاءِ وي گهاڙي ڳوٺ ويجهو ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين سان مقابلو ڪري هڪ ڏوهاري ساٿي پٽ ضمير جتوئي کي زخمي حالت ميڻ گرفتار ڪري سندس وٽان هٿيار هٿ ڪري ورتو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ محراب پور جو رهواسي آهي جنهن مٿان ڏوڪري، رشيد وڳڻ، تعلقي، باقراڻي، باڊهه، الهه آباد، رحمت پور، حيدري ۽ نصيرآباد ٿاڻن تي 17 کان وڌيڪ سنگين نوعيت جا ڪيس پڻ داخل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.