فريدآباد واسي ظفر چانڊيو جي آزادي لاءِ وارثن جي علامتي بک ھڙتال

فريدآباد( ن ع آ )فريدآباد واسي ظفر چانڊيو جي آزادي لاء  وارثن ذاڪر چانڊيو، علي چانڊيو،  شعيب چانڊيو ،ماجد چانڊيو ، سھيل چانڊيو ۽ ٻين 243ڏينھن علامتي بک ھڙتال ڪئي ۽ ظفر چانڊيو جي آزادي لاءِ سخت نعريبازي ڪندي چيو ته ظفر چانڊيو جي لاپتا ٿيڻ کان پوء سڄو گھر اجڙي ويو آھي، ھو مزدوري ڪري سڄي گھر جو گاڏو ھلائڻ وارو ھڪڙو ئي فرد ھيو ھينئر تمام تڪليف آھيون اسان ھن جا وارث 18 مھينن کان احتجاج ڪري پر ڪير بـ پڇڻ وارو ناھي  ھنن چيو تـ ظفر چانڊيو جي ڪنهن به پابندي مڙهيل تنظيم سان ڪوبه واسطو نه آهي هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس آف سنڌ، انساني حقن جي تنظيمن جي اڳواڻن کان مطالبو ڪيو ته بيگناھ کنڀي گم ڪيل ظفر چانڊيو کي ظاھر ڪري آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ظفر چانڊيو جي آزاديءَ تائين پر امن جدوجهد جاري رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.