سيوهڻ ۾ گم ٿيل نينگر هٿ، امڙ ملڻ سان ئي لڙڪ هاري ويٺي

سيوھڻ(ن ع آ ) شهباز قلندر جي مزار تان ڏيڍ سال جو لاوارث نامعلوم نينگر ھٿ اچڻ واري مامري ۽ ميڊيا تي خبر نشر ٿيڻ بعد نينگر جا وارث  سيوھڻ پھچي ويا جنهن بعد درگاهه سيڪيورٽي پوليس جي انچارج معصوم نينگر شيراز چانڊيو کي امڙ جي حوالي ڪري ڇڏيو جڏھن ته نينگرجي وارثن جو تعلق سيتاروڊ جي ڳوٺ حاصل چانڊيو سان آھي ان موقعي تي سندس امڙ صدوري چانڊيو جو چوڻ هو ته منهنجي مڙس اياز علي چانڊيو جو ذھني توازن سھي نه آهي جنهن ڪالھ پٽ شيراز کي گھران موٽر سائيڪل تي کڻي نڪتو ۽ خيرپور ناٿن شاهه ۾ پھچي ھن موٽر سائيڪل وڪرو ڪئي ۽ بعد ۾ معصوم پٽ کي سيوھڻ درگاھ قلندر جي مزار تي آيو جتي ھو کيس لاوارث حالت ۾ ڇڏي ڪراچي ھليو ويو کيس ھڪ ئي پٽ جو اولاد آهي جڏھن ته نينگر جي ڏاڏي ٻڌايو ته اسان کي رات دير سان جاچ ڪرڻ ۽ ميڊيا تي خبر نشر ٿيڻ بعد پنھنجي مائٽن ڪراچي مان ٻڌايو ته نينگر کي پيء سيوھڻ ڇڏي آيو آھي پوء اسان ھتي سيوھڻ پھتا آھيون جڏھن ته نينگر لاوارث حالت ۾ ملڻ بعد درگاھ قلندر جي مزار تي مقرر سيڪيورٽي انچارج محمد امين جتوئي پنھجي ھڪ اھلڪار کي ڏنو جنھن پنھنجي گھر ۾ رهايو. يادرھي ته گذريل رات معصوم شيراز کي سندس والد اياز چانڊيو درگاھ قلندر جي مزار اندر لاوارث حالت ۾ ڇڏي ھليو ويو ھو جڏھن ته سيڪيورٽي انچارج تصديق ڪرڻ بعد معصوم نينگر کي پنھنجي امڙ ۽ ڏاڏي حوالي ڪيو ته سندس امڙ ۽ ڏاڏو ھنجون ھاري روئڻ لڳا ۽ ان موقعي تي نينگر جي وارثن سيڪيورٽي عملدارن جو شڪريو پڻ ادا ڪيو ۽ سيڪيورٽي انچارج کي نوٽن جو ھار پڻ پارايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.