اڪري لڳ ڳوٺاڻن پاران پوليو جو بائيڪاٽ ،ڪيترائي ٻار رهجي ويا

اڪري چودڳي   (ن ع آ)  اڪري لڳ ڳوٺ هوند علي شر واسين پاران ڳوٺن ۾ پوليو مهم جو ٽن ڏينهن بائيڪاٽ جاري آهي جنهن سبب ڳوٺ ۾ موجود ڪيترائي ٻارڙا پوليو جي ڦڙن پيئڻ کان رهجي ويا آهن   ڳوٺاڻن منيراحمد ،عبدالڪريم شر ،منصور احمد ،علي محمد چنو،فدا سيال  سعيد شر احتجاج ڪندي دانهيو تہ اڪري چودڳي شھر ۾ قائم ڪاٽن فيڪٽرين المهراڻ ۽سائين ميري حيدرشاھ فيڪٽري  ۾ فلٽر پلانٽ نصب نہ هجڻ خلاف احتجاج ڪندي اسان پنهنجي  ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ٽيمن کي واپس ڪري ڇڏيو  ڳوٺاڻن موجب مسلسل ھڪ مھيني کان پرامن احتجاج ڪري رھيا آھيون ته اڪري چودڳي۾ قائم  مھراڻ ڪاٽن فيڪٽري ۽ سائين ميري حيدرشاھ فيڪٽري ۾ فلٽر پلانٽ لڳايو وڃي فلٽر پلانٽ نه ھجڻ سبب فيڪٽرين نڪرندڙ دزيء  سبب ڪيتريون ئي بيماريون ڳوٺاڻن کي  وڪوڙي ويون آھن جن ۾ دم سھڪو سائي ۽ ڦڦڙن جي مرضن ۾ مبتلا ٿي ويا آھيون زندگي عذاب بڻجي ويئي آهي ۽اسان صرف ايترو چئون ٿا تہ ڊي سي يا ڪو ٻيو عملدار صرف هڪ ڪلاڪ اسان جي ڳوٺ ۽ گهرن ۾ ترسي۽ڏسي تہ اسان ڪيتري تڪليف ۽عذاب ۾ مبتلاآهيون  ۽پوء جيڪو فيصلو ڪري قبول هوندو   هنن چيو تہ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ميرس  ۽ ڊي ايڇ اوهيلٿ خيرپورکي درخواستون ڏنيون آهن پر ڪو تدارڪ ناهي ٿيو ٽي ڏينهن احتجاج ڪرڻ باوجود ڪو زميوار آفيسر لڙي ناهي آيو  ھنن چيو ته جيستائين فيڪٽرين ۾ فلٽر پلانٽ نه ٿو لڳايو وڃي تيستائين پوليو مهم سميت سرڪاري صحت جي مهمن جو بائيڪاٽ جاري رھندو ،هوڏانهن پوليو انچارج ڊاڪٽر متل جوڳي موجب صحت کاتي جي ٽيمن توڙي آفيسرن پاران ڳوٺاڻن سان ڳالهيون ڪرڻ لاء ٽيمون جوڙيون آهن اميد آهي تہ ڳوٺاڻا ٻارڙن کي پوليو جو ڦڙا پيارڻ لاء  راضي ٿي ويندا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.