50 لک ماڻهو بيروزگار ٿي ويا، هڪ ڪروڙ نوڪريون ڪاڏي ويون؟: شهباز شريف

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته 50 لک ماڻهو پنهنجي روزگار کان محروم ٿي ويا آهن، بيرروزگار ماڻهو پنڻ تي مجبور بڻجي ويا آهن، هڪ ڪروڙ نوڪريون ڪاڏي ويون؟

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته پاڪستان جي معيشت تباهه ٿي وئي آهي، بجلي، گيس ۽ تيل جون قيمتون ڪٿي وڃي پهتيون آهن؟.

شهباز شريف چيو ته پي آءِ اي مان هزارين ماڻهن کي واندو ڪيو ويو، اسٽيل مل مان به هزارين ماڻهن کي ڇا اسان واندو ڪيو؟ مان ڪنهن کي کاتي جي ڳالهه ڪيان، 50 لک ماڻهو روزگار کان محروم ٿي ويا آهن، زندگي گذارڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي.

مخالف ڌر اڳواڻ جو چوڻ هو ته ڪاڏي ويون اهي هڪ ڪروڙ نوڪريون، نوڪريون ته پري جي ڳالهه آ پر غريب ماڻهن جي گهر ۾ چُلهه ٻرڻ به ڏکيو بڻجي ويو آهي، اڄ آسمان به انهن جي حرڪتن تي روئي ٿو، ناڻي واري وزير چيو هو ته ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳائينداسين، پاڪستان جي تاريخ ۾ مهانگائي جو ايڏو وڏو طوفان ڪڏهن به نه آيو، حقيقن تي ڳالهيون آڻينداسين ته ٻڌڻ مشڪل بڻجي ويندو.

ان موقعي تي وفاقي وزير شيرين مزاري چيو ته شهباز شريف چيو آهي ته پيٽ ڦاڙي به پيسا آڻينداسين، پاڻ لٽمار ڪري سندس ڀاءُ ٻاهر ڀڄي ويو، اهي چئي رهيا آهن ته پنهنجي گريبان ۾ ڏسو، اهي پنهنجي گريبان ۾ ته ڏسو.

شهباز شريف جواب ڏنو ته رڪارڊ درست ڪرڻ گهرجي، سزا پاناما تي ناهي، اقامي تي ٿي هئي، اتفاق فائونڊري جون مشينون وڪڻي قرض لاٿا، هڪ رپيو به معاف نه ڪرايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.