شهدادڪوٽ ۾ ضمير کرل جي ورسي، ڀيٽا پيش

شھدادڪوٽ (ن ع آ) شھدادڪوٽ ۾ ضمير کرل يادگار ڪاميٽي پاران ناليواري صحافي,شاعر,اديب ۽ چترڪار ضمير کرل جي ٻي ورسي شھر جي مزدور شادي ھال ۾ سوين ڀنل اکين سان ملھائي,تقريب ۾ سنڌ جي مختلف شھرن جي ناليواري شاعرن, اديبن,صحافين ۽ شھر جي سياسي,سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن سميت سول سوسائٽي جي ماڻهن جي ھڪ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ضمير کرل جي قلمي ۽ ادبي پورھئي کي سونھري لفظن سان ڀيٽا ڏني,ان موقعي تي ورسي واري تقريب کي خطاب ڪندي ناليواري شاعر احمد علي "صابر”چانڊيو, ڪوڙل قربدار,سماجي اڳواڻ ڪامريڊ وھاب پندراڻي, صحافين غني مجاھد, رفيق ڀٽي,شاھد اعواڻ,ساجد کرل,مامي حسين بخش کرل,نياز ڀٽي ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي تاريخ تي نظر ڊوڙائبي ته انيڪ صحافي نظر ايندا جن پنهنجي لکڻين ۽ قلم ذريعي مظلومن کي حق ڏيارا,اھڙن ئي بھادر ۽ سچن صحافين مان شھدادڪوٽ واسي ضمير کرل به ھڪ بيباڪ صحافي هو,جنهن پنهنجي قلم جي ڏات سان پوري سنڌ ۾ مڃتا ماڻي نالو ڪمايو,ضمير کرل نه صرف صحافت ۾ نالو ڪمايو پر هن ادبي ميدان ۾ به وڏو نالو ڪمايو,هن جو قلم نه ڪڏهن رڪيو ۽ نه ڪڏهن ڪنهن طاقت اڳيان جهڪيو سدائين سچ جو ساٿاري رهيو،اڄ ضمير کرل اسان ۾ موجود نه آهي پر ھن جون صحافتي ميدان ۾ ڪيل خدمتون تاريخ جي ورقن ۾ سونھري اکرن سان لکجي ويون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.