مير مرتضيٰ ڀٽو جي خون سان انصاف ڪڏهن ٿيندو؟ 

تحرير: ڊاڪٽر عبدالرئوف مغيري 

20 سيپٽمبر 1996 تي مظلوم بي پھچ هارين مزدورن شاگردن کان هڪ بھادر ليڊر کسيو ويو. غريب عوام جي دشمنن اهو پئي سوچيو ته جيڪڏهن مير مرتضيٰ ڀٽو ڪجھه ٽائيم زنده رهيو ته اسان جو ظلم جبر بربيت باقي نه رهندي، هي جيڪو اسين مظلوم بي پھچ عوام کي ڪوڙن نعرن ٺلھن آسرن تي ووٽ وٺي سندن مٿان حڪمراني ڪيون ٿا ۽ اقتدار جي نشي ۾ اچي سندن جا حق غضب ڪيون پيا، مير مرتضيٰ ڀٽو انھن جي حقن ڳالهھ پيو ڪري مظلوم ۽ اٻوجهھ ماڻھن ۾ بيداري پيو آڻي انھن کي پنھنجا حق وٺڻ پيو سيکاري، انھن کي ووٽ جي اهميت پيو ٻڌائي جيڪڏهن انھن کي ووٽ جي اهميت جي خبر پئجي وئي، هنن پنھنجا حق گھرڻ شروع ڪيا ته اسان جي ڪوڙي حڪمراني نه گھڻو وقت نه رهي سگھندي ، 25 سال اڳ مير مرتضيٰٰ ڀٽو کي بي گناهه ڪراچي ۾ سندس جي گھر اڳيان گولين جو بک بڻائي قتل ڪيو ويو، 25 سال گذري وڃڻ باوجود ورڪرن اڳواڻن کي مير جو ڏنل پيار سندن جي حقن لاءِ  ڪيل جدوجھد ياد آهي.

شھيد مير مرتضيٰٰ ڀٽو جنھن سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ 18 سيپٽمبر 1954ع تي اک کولي هئي سو ڄمندي ئي ڄام هو ساڻس سينٽ ميري اسڪول راولپنڊي ۾ گڏ پڙھندڙ شيخ رشيد جيڪو هن وقت وفاقي وزير آھي تنھن هڪ ڏينھن اسڪول ٻاهران شيخ رشيد مير صاحب کي چيو هو ته تون تمام گھڻو حسين آهين اسڪول جون شاگردياڻيون پڙهائي بجاءِ تون ڏي ڏسنديون آهن اسان سانورا ماڻھو مري وياسين،   اهڙو خوبصورت نوجوان جڏھن هن ملڪ جي آمريت سان ٽڪر کاڌو ته سر تريءَ تي کڻي گھميو ۽ هن جلاوطني جهڙي اذيتناڪ حالتن جي به پرواھ نه ڪئي،  مير مرتضيٰٰ ڀٽو هڪ شھزادو هو جنھن هـارورڊ يونيورسٽي لنڊن مان 1976ع ۾ گريجوئيشن ڪئي هئي ۽ پنھنجي والد جي خواهش تي ڪرائسٽ چرچ ڪاليج آڪسفورڊ مان به پڙھائي ڪئي، سو خوبصورت نوجوان جڏھن پنھنجي جوڀن جي عروج تي آيو، ۽ ڏيهھ وريو ته انھن ڏينھن ۾ 5 جولاءِ  1977 تي جنرل ضياءَ جمهوريت تي راتاهو هڻي ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کي لاڙڪاڻي واري گھر المرتضيٰ هائوس مان گرفتار ڪيو ويو،    ذوالفقار علي ڀٽو جيل مان پنھنجي دوست غلام مصطفيٰ جتوئي ۽ غلام مصطفي کوکر کي چيو ته مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز تمام بهادر ۽ جذباتي آهن، هنن کي ملڪ کان ٻاهر ڪڍيو وڃي، جڏهن غلام مصطفي جتوئي ۽ غلام مصطفيٰ کوکر مير کي چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جو حڪم آهي اوهان ملڪ ڇڏي ٻاهرين ملڪ وڃو، ته مير صاحب انڪار ڪندي چيو ته اسين ملڪ نه ڇڏينداسون، غلام مصطفيٰ جتوئي ذوالفقار علي ڀٽو کي ٻڌايو ته مير صاحب ۽ شاهنواز ملڪ ڇڏڻ لاءِ  تيار ناهن، جنھن تي ذوالفقار علي ڀٽو ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو ته جيڪڏهن اوهان منھنجا سچا دوست آهيو ته منھنجي پٽن کي ملڪ کان ٻاهر موڪليو،

ڇو جو مونکي يقين آهي ته جنرل ضياءُ مونکي آزاد نه ڪندو، ڪٿي هنن کي به نقصان نه پھچائي ان لاءِ  هنن کي جيترو جلدي ٿي سگھي ٻاهر موڪليو وڃي،  پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو جي دوستن غلام مصطفيٰ ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي جي زور ڀرڻ تي، مير مرتضيٰٰ ڀٽو ۽ سندس جي ننڍو ڀاءُ شاهنواز جلاوطني اختيار ڪئي، جن سان گڏ ڪي پي ڪي جو رهواسي ان وقت جو ڊي سي سھيل احمد سيٺي به گڏجي جلاوطن ٿيو،مير مرتضيٰٰ ۽ شاهنواز ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجي والد جي آزادي لاءِ  جدوجھد ڪئي، آمريڪا، لبنان، شام فلسطين روس سميت ٻين ملڪن جي بادشاهن سان رابطا ڪيا، مختلف ملڪن جي بادشاهن آمر ضياءُ تي ذوالفقار علي ڀٽو جي آزادي لاءِ  زور ڀريو پر آمر ضياءُ ڪنھن جي نه ٻڌي، 4 اپريل 1979 ۾ قتل جي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ذوالفقار علي کي ڦاهي تي لٽڪايو ويو، جنھن کان پوءِ مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو آمر ضياءَ خلاف ٻاهرين ملڪن ۾ ڀرپور تحريڪ هلائي، ۽ ان کان پوءِ 1993 واري اليڪشن ۾ جلاوطن هجڻ باوجود شھيد مير لاڙڪاڻي جي صوبائي تڪ تي حصو ورتو جنھن جي چونڊ مھم سندس امڙ بيگم نصرت ڀٽو هلائي هئي ۽ لاڙڪاڻي ۾ پيرين اگھاڙي در در وڃي، پنهنجي موڀي پٽ مير مرتضيٰ کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي هئي سندس مقابلي ۾ پيپلزپارٽي طرفان حاجي منور عباسي هو جنھن کي هن شڪست ڏني هئي،

اليڪشن کٽڻ بعد 3 نومبر 1993 تي مير مرتضيٰٰ ملڪ واپس اچڻ جو اعلان ڪيو، مير صاحب جي اعلان بعد ورڪر پيار ڪندڙ عوام سندس استقبال جون تياريون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون 1993 واري اليڪشن پيپلزپارٽي ملڪ اندر ڀرپور نموني کٽي حڪومت ٺاهي ورتي هئي،

ملڪ جي وزيراعظم سندس وڏي ڀيڻ محترم بينظير ڀٽو هئي، سنڌ ۾ به سندس ڀيڻ جي حڪومت هئي، ڀيڻ جي حڪومت هجڻ باوجود ڀاءُ جي استعمال لاءِ  تياريون ڪندڙ ڪارڪنن کي وقتن به وقتن تنگ ڪيو ويو ، 3 نومبر 1993 تي مير صاحب ايئرپورٽ لٿو ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وني بينظير ڀٽو جي امڙ بيگم نصرت ڀٽو پنھنجي دلير پٽ جي ڪارڪنن سان گڏجي استقبال ڪري 70 ڪلفٽن وٺي اچڻ لاءِ  جئين پھتي ته سنڌ پوليس ۽ ايئرپورٽ انتظاميا بيگم نصرت ڀٽو ۽ ڪارڪنن جي رستا روڪ ڪئي ڪيترائي ڪارڪنن رستي تان موٽايو ويو ڪيترن ڪارڪنن کي گرفتار ڪري مختلف جڳھين تي بند ڪيو ويو،

امڙ بيگم نصرت ڀٽو کي ايئرپورٽ اچڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي پر بيگم نصرت ڀٽو ۽ ڪارڪنن پنھنجي محبوب قائد مير مرتضيٰ جي استعمال لاءِ  ايئرپورٽ جون سڀ رڪاوٽون ٽوڙي اندر پھچي ويا، مير سنڌ امڙ جي ڌرتي تي جيئن ئي لٿو ته سڀ کان پهرين ڌرتي ماءُ کي چمي ڏئي، سلام پيش ڪيو،  پوءِ امڙ بيگم نصرت ڀٽو کي پيرين پئي ڳلاٽڙي پائي سيني لايو ، پر مير صاحب کي پ پ حڪومت ضياءَ واري زماني جي ڪيسن ۾ گرفتار ڪري جيل موڪلي ڇڏيو،

مير مرتضيٰٰ جيل مان آزاد بعد پوري ملڪ ،سنڌ ۾ وڏا جلسا ڪيا جلسن ۾ ماڻھن تمام گھڻي شرڪت ڪري  مير سان پيار جو اظھار ڪيو، ڳوٺن جي اوطاقن شھرن جي چونڪن چوراهن تي عوام پاڻ ۾ ڪچھريون ڪري چوڻ لڳا ته اسان جو والي وارث، ڀٽو جو جانشين ، غريب مسڪين جو ڀرجلھو اچي ويو آهي ،  عوام مير مرتضيٰ ڀٽو سان ايترو پيار ڇو پيو ڪري ؟ مير کي رستي تان هٽائڻ لاءِ  سازشون شروع ٿي ويون، آخر هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويا،

شھيد ذوالفقار علي ڀٽو وقت جي جابر ڊڪٽيٽر آمر جنرل ضياءَ اڳيان سينو تاڻي حق ۽ سچ تي بهي پنھنجي ٻن پٽن ۽ هڪ نياڻي جي جانيون جو نظرانو ڏئي حق سچ جو جھنڊو بلند ڪري ويو،

عوام جي دلين جي دڙڪن مظلومن جي ساٿي مير مرتضيٰٰ ڀٽو کي پنھنجي ئي ڪراچي واري گھر اڳيان 20 سيپٽمبر 1996 تي ڇھن ساٿين سميت گوليون هڻي عوام کان ظاهري طور الڳ ڪيو ويو پر غريب عوام ۽ سندس جي چاهيندڙن جي دلين مان ناهن ڪڍي سگھيا.

شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل سان انصاف لاءِ  سندس جي نياڻي اديب ليکڪا بيبي فاطمه ۽ سندس پڳدار پٽ جونئير ذوالفقار علي، ۽ پاڪستان جو مظلوم بي پھچ هاري آبادگار مزدور شاگرد سندس جي خون سان انصاف لاءِ  منتظر آهن،

هو اهو سوچي رهيا آهن ته ڪڏهن ٿو اهڙو حڪمران اچي، ڪڏهن ٿو اعليٰ عدالتن ۾ انصاف ڀريا فيصلا ڪندڙ جج ٿو اچي جيڪو ڪراچي ۾ ستر ڪلفٽن ۾ ڇھن ساٿين سميت بي گناھ قتل ڪيل محبوب اڳواڻ غريب جي يار مسڪينن جي حقن لاءِ  جاکوڙيندڙ، پٽ تي ويھي هارين سان گڏ ماني کائيندڙ ليڊر مير مرتضيٰ ڀٽو جي خون سان انصاف ڪري .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.